ڪراچي، ڊفينس ۾ ويگو جي ٽڪر ۾ ماءُ فوت ، پٽ سخت زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 5 ۾ تيز رفتار ويگو ڊالي جي ٽڪر سبب موٽرسائيڪل سوار 60 سالن جي عورت مقصود بي بي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس 30 سالن جو پٽ سجاد سخت زخمي ٿي پيو. درخشان پوليس موجب، حادثو 26 هين اسٽريٽ ويجهو پيش آيو، جتي تيز رفتار اڇي رنگ جي ويگو موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي فرار ٿي وئي. زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي عورت دم ڌڻي حوالي ڪيو. ٻئي طرف گلشن اقبال بلاڪ 13-ڊي ۾ هڪ عمارت جي لفٽ مان ڪري 58 سالن جو اختر ولد يوسف مسيح فوت ٿي ويو، جنهن جي ميت کي قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ٻنهي واقعن جي جاچ ڪري رهي آهي . ۽ ڊيفينس واري واقعي ۾ ملوث گاڏي جي ڳولا لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.