قاضي احمد /سڪرنڊ(پ ر) انڊس اڪيڊمي آف سائنس پاران پنجين ايوارڊ تقريب ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شرڪت ڪئي. شاگردن، شاگردياڻين کي ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ استادن کي شيلڊ ڏنيون. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته نياڻين کي اعلي تعليم کانسواءِ اسين ترقي نٿا ڪري سگھون. سنڌ جي ھر نياڻي تعليمي يافته ھجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي. پيپلزپارٽي سنڌ جي تعليم کي ھٿ وٺي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. ميرٽ تي ڌاڙا ھڻي ڪروڙين روپين ۾ نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. شاگردن کي گھرجي ميرٽ جي بحالي، تعليمي انقلاب لاءِ جدوجھد ڪن.هن چيو ته سنڌ سميت پاڪستان ۾ تعليمي نظام کي طبقاتي بنايو ويو آھي. معياري تعليم صرف حڪمران طبقي ۽ امير طبقي لاءِ آھي. غريب شاگردن لاءِ معياري تعليم جا دروازا بند آھن. انھن لاءِ بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ خودڪشين جا دروازا کليل آھن يا وري ڏوھن جي دنيا. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ تعليم، صحت، روزگار، زراعت، صنعت، آئي ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ جي ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھي ٿي ته جيئن سنڌي ماڻھن ۾ پنھنجن بنيادي حقن لاءِ سياسي مزاحمت پيدا نه ٿئي، جرئت نه ٿئي.هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت خلاف سنڌ جي نوجوانن کي نڪرڻو پوندو، ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو سڪرنڊ پھچڻ تي واپارين، شھرين، وڪيلن قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سميت ھزاري ماڻهن گلن جي ورکا ڪري سندس شاندار استقبال ڪيو کيس ھڪ وڏي جلوس ۾ قومي عوامي تحريڪ سڪرنڊ پاران نئين سنڌ جي تعمير جي عنوان سان ڪوٺايل جلسي گاھ پھتو جتي کيس اجرڪن، لنگھين جا تعفا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي ھزارين ماڻهن کي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪي اسرائيلي ۽ سندن اتحادي ملڪن جنگي جارحيت ڪري دنيا کي جنگ جي باھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي. دنيا جي تيل تي قبضي لاءِ ٻين ملڪن جي آزادي ۽ خودمختياري کي ختم ڪري لکين انسانن کي بمن سان اڏايو پيو وڃي. هن چيو ته علم، سائنس، انساني ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي. ھٿيارن کي ختم ڪرڻ گھرجي. بارود انسانيت خلاف آھي،هن چيو ته ايندڙ وقت وڌيڪ سنڌ سميت ملڪ ڏکيو آهي پيپلزپارٽي جيستائين اقتدار ۾ آھي تيستائين سنڌ جا ماڻهو ان مان چڱائي جي اميد نه رکن سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا جي گھيري ۾ آھي. پيپلز پارٽي جا حڪمران چاھين ٿا ته سنڌ جا ماڻھو بيدار نه ھجن. باشعور نه ٿين اھي جاھل وڏيرڪي، سرداري، جاگيرداري ۽ عوام دشمن سرمائيداري نظام جي غلامي ۾ قيد ھجن،هن چيو ته ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سميت سندن اتحادي جماعتن جي گڏيل حڪومت ملڪ جي معيشت کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. ڪرپشن، مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب غربت ۾ اضافو ٿيو آھي. هن چيو ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪڏھن به خاموش نه ويهنداسين. ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي ختم ڪرڻ تائين جدوجهد جاري رھندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي رڳو لاش ڏنا پيا وڃن سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي سنڌ وڏيراشاهي، جاگيرداري، سرداري نظام، ڌاڙيلن ۽ منشيات فروشن جي حوالي ڪئي وئي آهي هن چيو ته 28 آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي وار ڪيو ويو ته سنڌ جو عوام انتھائي سخت مزاحمت ڪندو.