گهوٽڪي: پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

گهوٽڪي (ن ع آ) گهوٽڪي ويجهو ڪچو ٻڊي ٽو ٿاڻي جي حد ۾ قادرپور جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ اچر اوڳاهي ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جنهن دوران سخت فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان حماد الله اوڳاهي موقعي تي ئي مارجي ويو. ذريعن موجب ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي دشمني سبب اوچتو ڇڪتاڻ پيدا ٿي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي فائرنگ ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن ڪري علائقي ۾ سخت ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.