صحت کاتي ۾ گريڊ 16 کان 20 تائين آفيسرن جي آن لائن رجسٽريشن لازمي قرار

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي صحت کاتي اعلان ڪيو آهي ته کاتي ۾ گريڊ 16 کان 20 تائين سڀني آفيسرن لاءِ آن لائن رجسٽريشن لازمي قرار ڏني وئي آهي. صحت کاتي جي اعلاميه ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو کاتي ۾ شفافيت آڻڻ ۽ ملازمن جي سروس رڪارڊ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. ڊپٽي سيڪريٽري (اسٽاف) جي طرفان جاري ڪيل ليٽر  مطابق، گريڊ 16 کان 20 تائين سڀئي آفيسر ۽ اهلڪار نئين HRMIS سسٽم تي پاڻ کي رجسٽر ڪرڻ جا پابند هوندا.رجسٽريشن مڪمل ڪرڻ جي آخري تاريخ 30 مارچ 2026 مقرر ڪئي وئي آهي.ليٽر ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته رجسٽريشن جي عمل ۾ ڪا به غفلت، معلومات کي لڪائڻ يا غلط بيان ڏيڻ وارن خلاف سخت تاديبي ڪارروائي ڪئي ويندي.

صحت کاتي زور ڏنو آهي ته سڀئي اهلڪار مقرر ڪيل مدت اندر پنهنجو آن لائن رجسٽريشن مڪمل ڪن، جيئن کاتي ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي وڌي سگهي.

ايف آءِ اي ۾ 8 آفيسرن کي ترقي

ڪراچي(رپورٽر ) ڪراچي ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) زون جي آفيسرن جي ترقي لاءِ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران 8 آفيسرن کي ترقي ڏئي سندن نون عهدن جا رينڪ لڳايا ويا، ترجمان ايف آءِ اي موجب تقريب ڊائريڪٽر ڪراچي زون پاران منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ساؤٿ مجاهد اڪبر خاص طور شرڪت ڪئي۔ تقريب دوران اعليٰ آفيسرن  ترقي حاصل ڪندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏني ۽ کين هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پيشاورانه ذميوارين کي وڌيڪ احسن طريقي سان انجام ڏين۔ ترجمان موجب ايف آءِ اي طرفان آفيسرن جي حوصلا افزائي جاري رکڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو ويو، ته جيئن اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.