23 مارچ اهو ڏينهن آھي جنهن ڏينهن پنهنجي وطن جي آزادي جي جدوجهد جي ڏوهه ۾ ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين راج گرو ۽ سک ديو کي انگريز سرڪار ڦاهي تي ٽنگي ڇڏيو هو ڀڳت سنگهه جي جدوجهد هندستان ۾ انگريز سرڪار کي لوڏي ڇڏيو هو ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين جو خيال هو ته جيڪڏھن اسين ڪانگريس جي انگريزن سان مفاهمت واري پاليسي تي هلياسين ته آزادي ۾ ڪيترائي سال لڳي ويندا انڪري هنن هوم رول توڙي ٻين هٿڪنڊن کي رد ڪري مڪمل سوراج يعني مڪمل آزادي جو مطالبو ڪيو هنن کي انگريزن جي چالاڪين بابت خدشا هئا جيڪي درست ثابت ٿيا ڇو ته هنن جي وطن کي پوءِ تقسيم ڪيو ويو
ڀڳت سنگهھ جو جنم 27 ڊسمبر 1907ع تي وديا وتي ۽ ڪشن سنگهه جي گهر بنگا ڳوٺ ضلعي لائل پور ۾ ٿيو، جيڪو برطانوي هندوستان جي صوبي پنجاب ۾ هو. جالندهر ويجهو کٽڪار ڪلان هنن جو اباڻو ڳوٺ هو. ڀڳت سنگهه جو ڏاڏو ارجن سنگهه ديانند سروسوتي جي تحريڪ ‘آريا سماج’ ۾ هو ۽ هن جو پيءُ ڪشن سنگهه ‘غدر پارٽي’ جو ڪارڪن هو. ڀڳت سنگهه پهرين ديانند اينگلو_ويدڪ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو ۽ پوءِ، 1923ع ۾ نيشنل ڪاليج لاهور ۾ داخل ٿيو. ڀڳت سنگهه جي دور ۾ ڪافي واقعا ٿيا، جن ۾ هڪ اهم واقعو 9 آگسٽ 1925ع تي هندوستان ريپبليڪن ايسوسيئشن جي ڪارڪنن شاه جهان پور کان لکنو ويندڙ ريل گاڏي کي ڪاڪوري وٽ روڪي ڦر ڪئي. اهو منصوبو رام پرساد بسمل، اشفاق خان، چندر شيکر آزاد ۽ ٻين جو هو. هنن کي خبر پئي ته ٽرين جي گارڊ ڪئبن ۾ برطانوي حڪومت جي خزاني جا پئسن سان ڀريل ٿيلها آهن. هنن ٻڌايو ته هن ڦر جو مقصد برطانوي انتظاميا خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ هنن کي پئسن جي ضرورت هئي. هي واقعو ‘ڪاڪوري ڪيس’ جي نالي سڃاتو وڃي ٿو. هن واقعي جا جوابدار پرساد 26 سيپٽمبر 1925ع تي ۽ اشفاق خان ڏھ مهينا پوءِ گرفتار ٿيو، ٽوٽل چاليهھ ڄڻا گرفتار ٿيا.
مارچ 1926ع ۾ ڀڳت سنگهه ۽ ٻين ڪامريڊن ‘نوجوان ڀارت سڀا’ تنظيم ٺاهي، بعد ۾ هو هندوستان سوشلسٽ ايسوسيئشن ۾ شامل ٿيو. هنن جي جدوجهد جو منشور برطانوي ڪالونيل ازم کان آزادي حاصل ڪرڻ ۽ سوشلسٽ نظام قائم ڪرڻ هو.هنن ڪانگريس جي سياست تي عدم اعتماد ٿي ڪيو هنن اهو سمجهيو پئي ته هي هندستان جي حڪمران طبقن جي مفادن لاء مفاهمتي آزادي چاهين ٿا اهنسا وادي ۽ بورجوا قومپرست سياست کان ڌار ٿي هنن هٿيار بند جدوجهد جي چونڊ ڪئي. هنن ڄاڻي ورتو هو ته اهو ئي انگريزن کان نجات جو حل آهي. هٿياربند ڪاروائين جو هڪ سبب خوف جي فضا ۾ ڏار وجهڻ هو ته جيئن عوام ۾ اُڀار پيدا ڪري سگهجي، ۽ عوامي شعور کي ‘هندوستان سوشلسٽ ريپبلڪ ايسوسيئيشن’ ذريعي اشتراڪي نظام جي لاءِ ڪم آڻي سگهجي.
1928ع ۾ برطانوي حڪومت سائمن ڪميشن جوڙي، جڏهن ڪميشن لاهور آئي ته ان خلاف هڙتالون، مارچ ۽ مظاهرا ٿيا ته پوليس تشدد ۽ لاٺي چارج ڪيو. اهڙين پُرتشدد ڪارواين جي نتيجي ۾ 17نومبر 1928ع تي لالا لجپت راءِ گذاري ويو، لالا لجپت راء اهو ماڻھو هو جيڪو روس جي انقلاب کان ڪامريڊ لينن جي حڪمت عملين کان تمام گهڻو متاثر هو سندس مظاهري ۾ موت نوجوانن ۾ وڏي سخت ڪاوڙ جي لهر پيدا ڪري ڇڏي هئي جنهن کي پوليس سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو. هو لاهور ريلوي اسٽيشن تي سائمن ڪميشن جي خلاف احتجاج جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. لالا لجپت جي قتل جي رد عمل ۾ ايڇ ايس آر اي جي ڪارڪنن هڪ پوليس آفيسر کي ماري ڇڏيو. ٻيو اهم واقعو پبلڪ سيفٽي بل ۽ ٽريڊ ڊسپيوٽ ايڪٽ جي ردِ عمل ۾ هو. مزدور تنظيمن خلاف هڪ بل اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيڻ تي هو. هلندڙ سيشن دوران پبلڪ گئلري مان ڀڳت سنگهه ۽ باتو ڪيشور دت سينٽرل ليجسليٽوِ اسيمبلي جي چيمبر ۾ ٻه بم ڦاڙيا. اسيمبلي ۾ ڦهليل دونهي سبب هو آرام سان فرار ٿي پئي سگهيا، پر هو بيهي ‘انقلاب زندھ آباد’ جا نعرا هڻندا رهيا ۽ گرفتاري ڏئي بم ڌماڪن جو اعتراف ڪيو. انهي اعتراف ۽ خبر هندستان ۾ عوامي سطح تي نوجوانن ۾ وڏو حوصلو پيدا ڪيو
ڀڳت سنگهه ۽ ان جا ساٿي لاهور سازش ڪيس سبب قيد ٿيا هئا. ڀڳت ۽ ٻين ڪامريڊن کي دهلي کان سينٽرل جيل ميانوالي موڪليو ويو. جيل ۾ رهي هنن مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال شروع ڪئي، جيڪا 63 ڏينهن هلي. بکُ هڙتال جي ڪري ڪامريڊ جسماني طرح نٻل ۽ ڪمزور ٿي چڪا هئا. ان وچ ۾ بک هڙتال سبب جيتن داس گذاري ويو. جيل ۾ انهن جنهن سبب جي ڪري بک هڙتال ڪئي هئي، ان جو اهم مطالبو قيدين سان بهتر سلوڪ ڪرڻ هو. سزا کائڻ، تشدد برداشت ڪرڻ، ۽ بک هڙتال سبب ڪمزور ٿيڻ باوجود هي انقلابي ساٿي مايوس نه ٿيا هئا. انهن لاءِ پنهنجو سياسي نظريو ۽ پورهيت طبقي جا مفاد عزيز هئا.
پهرين مئي 1930ع تي وائسرءِ لارڊ ارون لاهور سازش ڪيس آرڊيننس جاري ڪيو. انگريزن ڄاتو ٿي ته اها آزادي پسند سوشلسٽ لهر 1917ع ۾ روس مان بالشويڪ انقلاب کان اثر قبولي اُٿي آهي، ان کي زمين دوز ڪرڻ ايترو آسان نه آهي. ڀڳت سنگهه ڪامريڊ لينن کان تمام گهڻو متاثر هو لينن جي تحريرن جا حوالا اڪثر هو بحثن ۾ ڏيندو هو بلڪه جيل دوران هو مڪمل طرح لينن وادي ٿي چڪو هو لينن جي فڪري سگهه سوويت انقلاب برپا ڪرڻ سندس سموري فڪر ۽ عمل تي پوءِ حاوي هئا هو آخر ۾ انفرادي دهشتگردي جي به خلاف ٿي چڪو هو هن اهو اعتراف به ڪيو هو ته اسان کي بالشويڪ پارٽي وارو رستو اختيارڪرڻ کپندو هو
5 مارچ 1931ع تي انگريز سرڪار ۽ ڪانگريس ۾ ٺاھ ٿيو، جنهن کي گانڌي_ارون پيڪٽ جو نالو ڏنو ويو، هن سمجهوتي ۾ ڀڳت سنگهه ۽ ٻين ايڇ ايس آر اي جي ڪارڪنن جي جيل مان آزادي جو ڪو به نڪتو شامل نه هو. موهن داس گانڌي ۽ ڀڳت سنگهه جي نظريي، تنظيم ۽ طرزِ جدوجهد تي رستا ڌار هئا. ڀڳت سنگهه جي ساٿي چندر شيکر آزاد اهو قسم کنيو هو ته ته هو گوريلا ويڙهه دوران ڪڏھن به دشمن کي زندا گرفتاري نه ڏيندو هن ڀڳت سنگهه کي جيل مان آزاد ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو جنهن تي عمل به ڪيو پر اهو ناڪام ٿيو هن پوليس جي سخت گهيري ۾ اچڻ کان پوءِ پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏيو سنڌ ۾ ھيمون ڪالاڻي به انهي جدوجهد جو حصو هوجنهن کي سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاهي ڏني هئي هن انگريز فوجين سان ڀريل ريل ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي جتي سرزمين تي پڪڙجي پيو هو هيمون ڪالاڻي جو اڄ جنم ڏينهن آھي
آخرڪار، 23 مارچ 1931ع جي رات جو لاهور سينٽرل جيل جي گهاٽ تي ڀڳت سنگهه ، راج گرو ۽ سکديو کي ڦاسي ڏني وئي. ستلج ندي ڪناري سندن لاش ساڙي درياهه حوالي ڪيا ويا اها انگريز سامراج جي ريت جاري آھي هتي به انقلابي ڪارڪن ساڙي ماريا وڃن ٿا گم ڪيا وڃن ٿا هتان جا حڪمران اڄ به ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين کان ڊڄن ٿا هو سندن هر ياد کي گم ڪرڻ چاهين ٿا ته جئين آزادي جي مشعل وري نه ڪو کڻي پر انقلابين خون ناحق رائيگان نه ويندو آھي اڄ ھزارين نوجوان هنن انقلابين کي ياد ڪري رهيا آھن هنن تي ڪالم لکجي رهيا آھن ڀڳت سنگهه جو رستو اسان جو رستو نعرا لڳي رهيا آھن ڀڳت سنگهه جا باقي جيڪي به ساٿي بچيا جن مان اهم ترين اجي گهوش ھو جنهن ڀڳت سنگهه ۽ ايس آر اي۽ هندستان سوشلسٽ رپبلڪ ٺاهي هئي اهي سڀ هندستان جي ڪميونسٽ پارٽي جو حصو ٿي ويا هتي اها به وضاحت ڪرڻ گهرجي ته ڀڳت سنگهه اهو اعتراف به ڪري چڪو هو ته هو جيڪڏھن ڪامريڊ لينن کي پڙھي ها ته هي سمورو اڳ وارو فيصلو نه ڪري ها پر تاريخ توڙي حالتن کيس اهو موقعو فراهم نه ڪيو