اسان ڪالهه ايڊيٽوريل لکيو هو ته سڀني عالمي ڌرين کي آمريڪا ايران جنگ روڪرائڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي، ان حوالي سان پاڪستان به پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي اخبار فنانشل ٽائمز به دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ پاڪستان پاران ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن. ان پورٽ موجب پاڪستان جي فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جو آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان فون تي رابطو ٿيو آهي ۽ ايئن پاڪستان جنگي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڻ کي اهم ٽياڪڙ طور پيش ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب ايران ۽ پاڪستان جي ميزباني ۾ ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ پڻ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. فنانشل ٽائمز موجب سينئر پاڪستاني ۽ ايراني عملدارن پردي پويان رابطا ڪيا آهن. رپورٽ موجب پاڪستان، ايران جي قيادت سان ان وقت رابطو ڪيو جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو ته هو ايران جي پاور پلانٽس کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ملتوي ڪري رهيو آهي.
هوڏانهن وزيراعظم وزيراعظم شهباز شريف به ايران جي صدر مسعود پرشڪيان سان سومر ڏينهن ٽيليفونڪ رابطو ڪري کيس عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون ۽ گڏوگڏ نار جي خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سفارت ڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان سلسلي ۾ کيس پاڪستاني قيادت جي سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ تعميري ڪردار جاري رکندو. هن مڙني پاڙيسري ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهين ۽ سفارت ڪاري ڏانهن واپسي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اختلافن کي پرامن طريقي سان حل ڪري سگهجي.
اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان لاءِ اهو تاريخي يادگار ۽ فخر جوڳو موقعو آهي جيڪڏهن اهو پنهنجي ٽياڪڙي ۾ آمريڪا ۽ ايران جي هلندڙ جنگ کي روڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته ان سان پاڪستان جو ڪردار عالمي سطح تي انتهائي مثبت طور اڀرندو جيئن فنانشل ٽائمز اهڙي اڳڀرائي کي رپورٽ ڪيو آهي تيئن پوءِ سڄي دنيا اندر اهو هُل ٿي ويندو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي جنگ ختم ڪرائي آهي. اهو حوالو پوءِ ايئن گونجندو رهندو جيئن ڊونلڊ ٽرمپ جتي ڪٿي اهو چوندو وتندو آهي ته مون ئي پاڪ ڀارت جنگ روڪرائي هئي.
سو پاڪستان کي جيڪڏهن واقعي به آمريڪا ۽ ايران جي جنگ روڪرائڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ ان کي ٻئي وڏا ملڪ ٻڌن ٿا ته اهو پاڪستان جو وڏو ڀاڳ چئبو ۽ پوءِ پاڪستان کي جنگيون روڪرائڻ وارن ملڪن ۾ ڳڻيو ويندو. هن وقت سڄي دنيا کي امن لاءِ اهڙي ٽياڪڙي واري ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هي وقت انتهائي پريشاني وارو آهي. ان جنگ ۾ نه رڳو وچ اوڀر متاثر ٿيو آهي پر هاڻي سڄي دنيا جا ملڪ لپيٽ ۾ اچي چڪا آهن. آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو بيان ڪيڏو نه ڳڻتي جوڳو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران جنگ ۾ نيٽو جا اتحادي ملڪ جيڪڏهن منهنجو ساٿ نه ڏيندا ته اها ڳالهه مان وساري نه سگهندس ۽ پوءِ اڳتي مان به ضرورت وقت سندن ساٿ نه ڏيندس. ان بيان مان دنيا کي ٽين عالمي ۽ ايٽمي جنگ جي خطري جي بوءِ اچي رهي آهي ۽ اهو خطرو اڃان موجود آهي، ٽريو ناهي.
اها به حقيقت آهي ته هيءَ جنگ پاڻمرادو ختم نه ٿيندي ان جي خاتمي لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ملڪ يا اتحادي کي وچ ۾ پوڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته هي جنگي معاملو هاڻي غيرت جو به مسئلو بڻيل آهي. ڪو به ملڪ جيڪڏهن پويان پير ڪندو ته اهو ڪمزور ۽ شڪست زده سمجهيو ويندو. ظاهري طور تي ڪير به پنهنجي شڪست يا ڪمزوري کي قبول نه ڪندو. ان ڪري ٻين ملڪن کي وچ ۾ پوڻ گهرجي. ڏسجي ته ان ٽياڪڙي يا اڳڀرائي ۾ اونئن ئي دير ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن شروع ۾ ئي وقتائتو قدم کڻجي ها ته شايد ايران جو ايڏو نقصان نه ٿئي ها ۽ نه ئي سندن اڳواڻن جون شهادتون ٿين ها پر افسوس ته اسلامي ملڪن ان معاملي ۾ بروقت ڪو ڪردار ادا نه ڪيو. پر هاڻي جڏهن اهي رپورٽون عام ٿيڻ لڳيون آهن ته پاڪستان ان سلسلي ۾ اڳتي ٿي رهيو آهي ته ڪجهه ساهه پيو آهي.
اسان ان عمل جي دل جي گهراين سان آجيان ڪريون ٿا. اسان سمجهون ٿا ته هن وقت امن جي ٽياڪڙي جي آمريڪا ۽ ايران کي ضرورت آهي. اهي به سوچي سگهن ٿا ته اسان جي وچ ۾ ڪو ملڪ نه آيو. اها به يقينن حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ جا ملڪ هن جنگ کي ايئن پر ي کان ڏسي رهيا آهن جيئن عام تماشبين ٻين جي جهيڙن ۽ وڙهڻ کي پري کان بيهي ڏسندا آهن پر وچ ۾ پئي کين ڇڏائڻ جي ڪوشش ناهن ڪندا ته ڇا ايئن سمجهجي ته دنيا جا ملڪ به ايئن ئي عام ماڻهن وانگر غير ذميوار ۽ لاتعلق ٿي ويا آهن. جيڪڏهن اهڙي روايت قائم ڪئي وئي ته پوءِ اڳتي ڪو به ملڪ ٻين وڙهندڙ ملڪن جي وچ ۾ نه پوندو تنهن ڪري اسان اهڙي غير ذميواراڻي ۽ لاتعلقي واري رويي جي شديد مذمت ڪريون ٿا.
سو اها ڪيڏي نه پريشاني ۽ ڳڻتي جي ڳالهه آهي ته اڄ دنيا اندر ڪا اهڙي طاقت ناهي رهي جيڪا وچ ۾ اچي سگهي ۽ جنهن جي ڳالهه ڪير ٻڌي ۽ مڃي سگهي. هن وقت آمريڪا لاءِ نه گڏيل قومن جو ادارو ٿو اهميت رکي، نه ئي نيٽو جا اتحادي ملڪ. هاڻي آخري فيصلو آمريڪا جي هٿ ۾ آهي پر اهو پاڻ ئي ڌر بڻيل آهي. ان پس منظر ۾ جيڪڏهن پاڪستان کي ٽياڪڙي جو سونهري ۽ تاريخي موقعو ملي ٿو ۽ پاڪستان جي پوزيشن اڄ اهڙي آهي جو آمريڪا ۽ ايران توڙي سڀ اسلامي ملڪ ان جي ڳالهه ٻڌي، سمجهي ۽ مڃي سگهن ٿا ته ان جو ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. جنهن سان پاڪستان جو عالمي سطح تي هڪ نئون ۽ ذميواراڻو ڪردار پڻ اڀري ايندو.