اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ پيٽرول جي جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان واڌ سبب پلگ ان هائبرڊ ۽ رينج ايڪسٽيڊ اليڪٽرڪ گاڏيون صارفين ۾ مقبول ٿي رهيون آهن، ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت 320 رپيا في ليٽر کان مٿي پهچي چڪي آهي،جنهن سبب اسپيشل يوز ڪيل SUV گاڏيون هلائڻ مهانگو ٿي چڪو، ماهرن موجب پلگ ان هائبرڊ ۽ رينج ايڪسٽيڊ گاڏيون هاڻي معاشي ۽ ماحولياتي طور وڌيڪ فائدي واريون ٿي ويون آهن، چيري ماسٽر پاڪستان جي ڊائريڪٽر سيلز سيد آصف احمد موجب موجوده پيٽرول قيمتن سان روايتي گاڏيون مهانگي ٿي ويون آهن ۽ صارفين جي ماهوار خرچ تي سڌو اثر پيو آهي، انگ اکرن موجب سي سيگمينٽ SUV، جيڪا اوسطن 10 ڪلوميٽر في ليٽر مائليج ڏئي ٿي، في ڪلوميٽر لڳ ڀڳ 32 رپيا خرچ ڪري ٿي، روايتي هائبرڊ گاڙيون تقريبب 18 ڪلوميٽر في ليٽر مائليج ڏئي رهيون آهن، جن جي في ڪلوميٽر لاڳت لڳ ڀڳ 18 رپيا آهي، پلگ ان هائبرڊ SUV مڪمل چارج تي 170 ڪلوميٽر سفر ڪري سگهي ٿي، جنهن جي لاڳت تقريبن 10 رپيا في ڪلوميٽر ٿيندي آهي، جيڪا روايتي پيٽرول گاڏي جي مقابلي ۾ في ڪلوميٽر 22 رپيا بچت آهي.