سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران “23 مارچ: قرارداد لاهور ۽ اڄ جو پاڪستان” جي حوالي سان وائيٽ روز ريسٽورينٽ سڪرنڊ تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي شخصيتن، واپارين، صحافين ۽ عورتن جو پڻ وڏو انگ شرڪت ڪيو سيمينار ۾ ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي جي حيدر منزل تي جيڪي تنظيمي سرگرميون ٿيون، انهن جي نتيجي ۾ ڪيترن کي گرفتار ڪري ڇهھ ڇھه سال جي سزا ڏني وئي.” هن وڌيڪ چيو ته جڏهن امداد محمد شاهه کان پڇيو ويو ته اوهان ڪا سياسي پارٽي ڇو نٿا ٺاهيو، ته هن جواب ڏنو ته سندس آخري پارٽي عوامي ليگ هئي، ۽ هاڻي ملڪ جي حالتن کي ڏسي هن فيصلو ڪيو آهي ته تعليم، صحت ۽ سماجي شعبن تي ڪم ڪيو ويندو،هن چيو ته سوچڻو پوندو ته قرارداد لاهور دوکو هو يا اڄ جي حڪمراني جو انداز دوکو آهي. سچ ڪڏهن به لڪائي نه سگهجي ٿو ۽ ڪنهن به طاقت يا جبر ذريعي ماڻهن جي دلين تي حڪمراني نه ٿي ڪري سگهجي، هن وڌيڪ زور ڏنو ته سائين جي ايم سيد واحد سياستدان هو جنهن مهذب ۽ مضبوط نموني سان حق گهرڻ جو فارمولو پيش ڪيو.سيمينار ۾ هن پڻ چيو ته آئين پاڪستان جي بنياد ۾ ڪجهه ڪمزور نقطا آهن، جن سبب مسلسل گڙٻڙ ٿي رهي آهي. عوام کي حڪمرانن جي ڪرتوتن کان آگاهه ڪرڻ لازمي آهي، ۽ عوامي طاقت سان جواب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. ان کان اڳ ايس يو پي جي ضلعي صدر حافظ ذين ڀٽو مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو،.سيمينار ۾ آفتاب احمد خانزاده، مجيب سنڌي، رمضان ٻرڙو ۽ پروفيسر عبيدالله ماڇي ايوب کوسو، محمد بچل ڏھيو، پرويز سومرو، ڪيلا رام اوڏ ۽ علي سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.