شبر زيدي جي گرفتاري خلاف ٺٽي جي عدالت جو فيصلو رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر سيد شبر زيدي ۽ ٻين جي گرفتاري خلاف ٺٽي جي عدالت جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو، ٺٽي جي عدالت جي فيصلي خلاف سيد شبر زيدي ۽ ٻين طرفان داخل نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي  ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو جو فيصلو رد ڪندي ماتحت عدالت جي سموري ڪارروائي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، ٺٽو عدالت اسد رضوي جي شڪايت تي شبر زيدي، عمر محمد، علي احسن ۽ فهد خان جي گرفتاري جو حڪم ڏنو هو، جسٽس محمد حسن اڪبر ريمارڪس ڏيندي چيو ته ماتحت عدالت پنهنجي دائري کان ٻاهر وڃي فيصلو ڪيو، هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس جي معاملن تي ٺٽو ۾ شڪايت داخل نٿي ٿي سگهي، صرف دستاويزن جي بنياد تي ڪنهن ٻئي شهر جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ به قانوني طور درست ناهي، ٺٽي جي عدالت شبر زيدي ۽ ٻين خلاف ناقابل ضمانت وارنٽ گرفتاري جاري ڪيا هئا، وڪيل فهد حسين ۽ مڪيش ڪمار تلريجا عدالت کي درخواست ڪئي هئي ته ٺٽو عدالت جو فيصلو غير قانوني قرار ڏنو وڃي، ٺٽي جي عدالت ۾ داخل شڪايت ۾ چيو ويو هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪيس ۾ قابل اعتراض لفظ استعمال ڪيا ويا، جن سان لاڳاپيل اداري جي ساک متاثر ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.