خانپور ويجهو ڪارنهن معاملي تان فائرنگ، 2 سڳا ڀائر قتل

سکر(رپورٽ رستم انڍڙ) خانپور ويجھو رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ سلطان ڪمالاڻي جتوئي ۾ پراڻي ڪارنھن معاملي تان ٻن سڳن سئوٽن شھزادو ڪمالاڻي جتوئي ۽ امداد ڪمالاڻي جتوئي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران ٻه سڳا ڀائر حاجي عرف امتياز علي ڪمالاڻي جتوئي ۽ سندس ڀاءُ امداد علي پٽ سلطان ڪمالاڻي جتوئي قتل ٿي ويا، جڏھن ته سندن ڌر جو ٽيون نوجوان منير ڪمالاڻي جتوئي زخمي ٿي پيو، ٻي ڌر جا شھزادو ڪمالاڻي جتوئي ۽ سندس ساٿي عالم بڊاڻي جتوئي زخمي ٿي پيا، اھڙي اطلاع بعد ٻنھي ڌرين وچ ۾ پنج ڪلاڪن تائين ڇتي فائرنگ ھلندڙ رھي، علائقي واسين جي اطلاعن باوجود پوليس نه پھچي سگھي، ٻئي طرف ھڪئي وقت قتل ٿيل ٻنھي ڀائرن جا لاش سندن وارثن عورتن کڻائي لوڊر رڪشا م خانپور اسپتال منتقل ڪيا جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏھن ته خانپور اسپتال مان نوجوانن جا لاش وصول ڪندڙ عورتن ٻڌايو ته ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران سلطان ڪمالاڻي جتوئي جا ٻئي پٽ مارجي ويا، سندن ويڙھو ئي ويران ٿي ويو، سلطان ڪمالاڻي جتوئي کي اھي ئي پٽ ھئا جيڪي قتل ٿي ويا آھن، ھنن وڌيڪ چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي، ٻئي طرف رستم پوليس ٻڌايو ته ھڪ ڌر جا ماڻھو محمد آباغ شھر کان واپس ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنھن سبب ٻن سئوٽن وچ م جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا، ٻنھي ڌرين جا ٽي ڄڻا زخمي به ٿيا آھن، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ھوڏانھن ھڪئي گھر جا ٻئي ڌڻي قتل ٿي وڃڻ بعد ٻڌايو پيو وڃي ته اڪيلو سندن پيرسن پيءُ ئي بچي ويو آھي،  ٻئي طرف مقتول نوجوانن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد جڏھن گھر پھتا ته سندن گھرن م ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.