اسلام ڪوٽ ۾ پاڻ ساڙي آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر راول جو ڪيس داخل

اسلام ڪوٽ (رپورٽ:غازي بجير)اسلام ڪوٽ ۾ پاڻ ساڙي خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر جو ڪيس پيٽرول ھلائيندڙ ايجنسي  ملازمن تي داخل،2 ڄڻا گرفتار، اسلام ڪوٽ ۾ پيٽرول ھاري خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر جي معاملي جي جاچ ٿي ناھي سگھي، ٽي ڏينهن اڳ اسلام ڪوٽ ميهاري روڊ تي پاڻ تي پيٽرول هاري باھ ڏيئي خودڪشي ڪندڙ  پي پي ايڇ آءِ اسلام ڪوٽ جي ڊاڪٽر  راول راءِ ميگهواڙ جو لاش مٺي پهتو،جتي سندن  آخري رسمون ادا ڪيون ويون،هوڏانهن اسلام ڪوٽ پوليس فوتي ڊاڪٽر کي بوتل ۾ پيٽرول ڏيندڙ پيٽرول ايجنسي جي ٻن ملازمن  قيمت راءِ ميگهواڙ ۽ سترامداس ميگهواڙ کي گرفتار ڪري جوابدارن مٿان خودڪشي براءِ سبب  34/322 پي پي سي جا قلم لڳائي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي،انهي سلسلي ۾ پوليس پاران داخل ڪيس ۾ پوليس ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن ڊاڪٽر راول راءِ ميگهواڙ کي پيٽرول غيرقانوني طريقي بوتل ۾ ڏنو، جنهن سبب ڊاڪٽر پمپ ايجنسي ڀرسان پاڻ تي پيٽرول هاري پاڻ کي  باھ ڏيئي ساڙي فوت ٿيو  آهي،ڪيس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس کي اطلاع مليو ته ميهاري روڊ تي ڪنهن ماڻھو پاڻ کي باھ ڏئي ڇڏي آھي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته ڄاڻايل  پمپ ايجنسي وارا باھ وسائي چڪا هئا،پڇا ڪرڻ تي  خبر پئي ته باھ وسائيندڙ  پمپ ايجنسي وارن کان ئي  فوتي ڊاڪٽر راول پيٽرول وٺي ان سان باھ ڏني آهي،ٻي پاسي گرفتار جوابدارن کي مٺي جي  عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت سڳوري پاران ضمانت منظور  ٿيڻ تي کين آزاد ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ فوتي ڊاڪٽر راول ميگھواڙ جي ڀاءُ پوليس اھلڪار کٽو ميگھواڙ جو چوڻ آھي ته ڀاءُ ڊاڪٽر راول اينٽي ڊپريسنگ ڊرگ استعمال ڪندو،نفسياتي مريض ھو،ھن اڳ ۾ ھڪ دفعو پاڻ تي گيھ ھاري ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي ھي اسان بچائي ورتو ھو،انھي ڪري اسان ڪنھن تي به ڪو الزام مڙھي نٿا چاھيون،راول راءِ مسلسل پريشان رھندو ھورورل ھيلٿ سينٽر پي پي ايڇ آءِ اسلام ڪوٽ ۾ ملازمت ڪندو،مختلف وقتن تي بدليون ۽ مقرريون پڻ ڪرائڻ سبب پريشان رھندو ھو،اسان ھن کي سنڀالڻ جي ھر ممڪن مدد ڪئي پر نيٺ ھن پنھنجو پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيو،جيڪو قدم اسان جي لاءِ ڏاڍو ايذائيندڙ آھي اسان وڏي ڏک ۾ ورتل آھيون ڀاءُ جي وڇوڙي سبب گھر ۾ قھرام متل آھي، ھوڏانھن پوليس ھٿان ڊاڪٽر راول راءِ ميگهواڙ جي واقعي واري ڪيس ۾ نامزد ڪيل نوجوان قيمت ميگھواڙ ۽ ڀاءُ رميش ڪمار ميگھواڙ چيو آھي ته اسان سان پوليس وڏو ظلم ڪيو آهي،ڊاڪٽر ايجنسي تان خريد ڪيو ۽ پوليس انھي ۾ اسان کي ڦاسائي ڇڏيو آھي، جيڪو ڪيس سمجھ کان ٻاهر آهي، ٿر ۾ روزاني خودڪشيون ٿي رھيون آھن ته پوءِ پوليس جن دڪانن تان رسا خرید ٿيڻ ٿا انھن دڪاندارن کي به گرفتار ڪندي ڇا،اسان چيو ته اگر پيٽرول جي ايجنسي غيرقانوني آھي ته ڀلين انھي کي سيل ڪري ڇڏيو پر پوليس ڪنھن جي به ڪا ڳالهه نه ٻڌي،اسان سان ظلم ٿيو آهي،نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ چيو آھي ته وارثن موجب ڊاڪٽر راول ميگهواڙ سان گهريلو مسئلا هئا ۽ اينٽي  ڊپريسنگ ڊرگ استعمال ڪندو هو،پيٽرول بوتل ۾ وڪڻڻ تي پابندي آهي،غيرقانوني عمل جي ڪري هڪ ماڻهو مري ويو،ايجنسي مالڪ تي ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو آهي،ڊاڪثر راول ميگھواڙ جي وارثن جو بيان اسان وٽ رڪارڊ تي آھي ته ڊاڪٽر نفسياتي مريض ھجڻ ڪري اينٽي ڊريسنگ ڊرگ استعمال ڪندو ھو،پيٽروليم ايجنسيون بلڪل غيرقانوني طور ھلي رھيون آھن جن تي حڪومت طرفان مڪمل پابندي عائد ٿيل آهي، پي پي ايڇ آءِ رورل ھيلٿ سينٽر جي چيف ميڊيڪل ڊاڪٽر پي پي ايڇ آءِ ڊي ايم کي اڻ پڙھيل،راڄ ويڙھائو ۽ چالباز قرار ڏئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ پي پي ايڇ آءِ رورل ھيلٿ سينٽر اسلام ڪوٽ جي چيف ميڊيڪل ڊاڪٽر عبدالستار لنجو چيو آھي ته ڊاڪٽر راول جي خودڪشي جا ڪھڙا سبب آھن اھو معاملو پي پي ايچ آءِ جو آھي جنھن وٽ ھو نوڪري ڪندو هو باقي ٻين تحقيقاتي ادارن جي جانچ جو مسئلو آهي،ڪالھ کان پي پي ايڇ آءِ وارا خود احتسابي کان بچڻ لاءِ ڦرندڙ گھرندڙ موقف ڏين پيا پر جمن جوڻيجو يا  ٻيا ماڻھون انھن جو ھن معاملي سان تعلق ڪھڙو؟جيڪڏھن توھان صاف سٿرا آھيو ته حقيقت بيان ڪيو باقي پيٽرول ڪٿان ورتو ته ذميوار ان کي ڪندا ؟ جيڪڏھن ڪو ڊاڪٽر راول جي خودڪشي بابت سوال ٿو ڪري ته ايف آء آر ان تي ڪندا اھو ڪٿان جو قانون آھي،پي پي ايڇ آءِ جو ڊي ايم جيڪو اڻپڙهيل آھي .

۽ ھميشه ٻين کي ويڙھائي پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ڪوڙا قسم کڻڻ سندس تڪيو ڪلام بڻيل آهن، پ پ ايم پي اي سريندر ولاسائي چيو آھي ته پي پي ايڇ آءِ جي سي اي او جاويد جاگيراڻي منهنجي خط جي جواب ۾ يقين ڏياريو آهي ته ڊاڪٽر راول ميگھواڙ جي خودڪشي جي انڪوائري آزاد پينل کا ڪرائي ويندي،ھن سوال ڪندي چيو آھي ته اگر ڊاڪٽر راول ميگھواڙ ذهني مريض هو ته پوءِ هن کي مريضن جي صحت سان کيڏڻ جي اجازت ڇو ڏني وئي؟ جڏهن ته پوليس خلاف ڳالھائيندڙ ھڪ وڌيڪ نوجوان کنڀي گم،انھي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ واسي نوجوان جمن جوڻيجو پاران پيٽرول جي ايجنسي تان ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڪيس داخل ڪرڻ واري واقعي خلاف پوليس تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي،جنھن بعد کيس کنڀي گم ڪيو ويو آھي،جمن جوڻيجو جي وارثن موجب ته پوليس اسان جي نوجوان کي حق ۽ سچ ڳالهائڻ تان کنڀي گم ڪيو آھي اھو ڪٿي جو قانون آھي،جمن جوڻيجي ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ ۽ ڊاڪٽر راول راءِ ميگهواڙ جي آپگھات بابت سوال اٿاريا ھئا ۽ پيٽرول جي ايجنسي تان گرفتار ٻن ڄڻن جي عمل جي مذمت ڪئي ھئي جنھن تان کيس کنڀي گم ڪيو ويو آهي جيڪو ناانصافي آهي،اسان جي نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.