جماعت اسلامي جو طوفاني برساتن ۾ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچي سميت سنڌ ۾ طوفاني برساتن سبب قيمتي انساني حياتين ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته برسات الله تعاليٰ جي رحمت آهي، پر بدقسمتي سان نااهلي، ناقص  منصوبابندي ۽ سرڪاري ادارن جي لاپرواهي جي ڪري اها ئي رحمت ماڻهن لاءِ وڏي تڪليف جو سبب بڻجي ٿي، حڪومت کي فوري طور تي هنگامي اپاءَ وٺڻ گهرجن ۽ نيڪال جي نظام کي بهتر بڻائڻ گهرجي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي، هن اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته هر سال برساتن دوران شهري علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ، نيڪال جي خراب نظام ۽ انتظامي ڪمزوريون سنگين مسئلا پيدا ڪن ٿيون. ڪرپشن ۽ لاڳاپيل ادارا بروقت ۽ اثرائتا قدم کڻڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿين ٿيون. هن زور ڏنو ته عيد جي موقعي تي عوام کي ٻٽي عذاب کان بچائڻ لاءِ ڪرپشن کان پاڪ ۽ شفاف حڪمت عملي تحت ترقياتي ڪم يقيني بڻايا وڃن ۽ شهرين کي ممڪن خطرن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ هڪ اثرائتي عوامي آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. هن متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو، فوت ٿيندڙن جي لاءِ مغفرت، زخمين جي جلد صحتيابي ۽ بچي ويلن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

۽ چيو ته حڪومت کي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.