ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا پڌرا، ٿر جا 5 شاگرد ٽاپ 20 ۾ شامل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن، 33 هزار 336 اميدوارن مان 16 هزار 507 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن، سکر آءِ بي اي اختيارين موجب سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ۾ ڪاميابي جي شرح 49.5 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ٽاپ 20 اميدوارن ۾ ڪراچي جو ڪو به شاگرد شامل نه آهي، اختيارين موجب ٿرپارڪر جا شاگرد اڳتي رهيا، ٿرپارڪر جا 5 شاگرد ٽاپ 20 ۾ شامل آهن، جن 180 مان 176 کان 179 نمبر حاصل ڪيا. ٽاپ 50 اميدوارن ۾ ٿرپارڪر جا 12 شاگرد شامل آهن، اختيارين موجب ڪراچي مان 9 هزار 505 اميدوارن امتحان ڏنو، جن مان 5 هزار 492 ڪامياب ٿيا. ٽاپ 100 ۾ ڪراچي جا 18 شاگرد شامل آهن، سکر آءِ بي اي اختيارين موجب ٽاپ 500 ۾ ڪراچي جا 111 شاگرد ڪامياب ٿيا، جڏهن ته ٿرپارڪر مان 1027 اميدوارن مان 613 ڪامياب ٿيا، اختيارين موجب لاڙڪاڻي ۾ 1410 مان 623، ميرپورخاص ۾ 1262 مان 571 ۽ سکر ۾ 984 مان 503 اميدوار ڪامياب ٿيا، حيدرآباد ۾ 1611 مان 652، خيرپور ۾ 2189 مان 970 ۽ دادو ۾ 1441 مان 669 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا، اختيارين موجب شهيد بينظيرآباد ۾ 1485 مان 630 ۽ ٺٽي ۾ 398 مان 181 اميدوار ڪامياب ٿيا، ايم ڊي ڪيٽ ۾ ايم بي بي ايس لاءِ پاسنگ مارڪس 180 مان 99 مقرر ڪيا ويا هئا.

You might also like