حيدرآباد/سامارو (رپورٽر/ن ع آ) حيدرآباد ۾ مبينا طور قتل ڪيل شھيد ڀٽو اڳواڻ ڪاشف باغي جو قتل ڪيس وليد فاروقي ۽ بلڊر آفاق سميت ٻن اڻڄاتلن خلاف داخل، شھيد ڀٽو اڳواڻ جي قتل تي اباڻي شھر سامارو سوڳ ۾ بند، حيدرآباد ۾ ڳوليون هڻي قتل ڪيل شھيد ڀٽو اڳواڻ جو قاسم آباد ٿاڻي تي مقتول ڪاشف باغي جي ڀاءُ آصف باغي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ڪاشف باغي جي دوست وليد فاروقي، بلڊر آفاق ۽ 2 اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو، فريادي ڪيس ۾ڄاڻايو آھي ته منهنجو ڀاءُ پنهنجي دوستن سان گڏ وليد جي فليٽ تي ويٺل ھو، صبح جو خبر پي ته ڪاشف جو لاش سندس فليٽ مان مليو آھي ڪاشف کي سندس دوست ٻن ساٿين جي مدد سان گولي ھڻي قتل ڪيو آھي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳولا شروع ڪري ڇڏي، ٻيئ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ جي قتل ٿيڻ واري واقعي بعد سامارو شھر ۾ سوڳ ۾ جزوي طور بند ٿي ويو، ڏک وارو ماحول پيدا ٿي ويو، ڪاشف باغي جو مڙھ پوسٽ مارٽم بعد صبع جو ساماري شھر جي گهر ۾ آندو ويو وڏي انگ ۾ شهري، همدرد دوست مائيٽ پهچي ويا، مقتول ڪاشف باغي جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، شھر سوڳ ۾ جزوي طور بند ٿي ويو شھر جي شاهي بازار، مارڪيٽ روڊ، بئنڪ روڊ سميت ٻين مارڪيٽن ۾ جزوي طور دڪان بند رهيا مرحوم کي سوين آلين اکين سان ساماري شهر جي سيد مراد شاھ قبرستان ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ متحده اڳواڻ اڳوڻي صوبائي وزير شبير قائمخاني، پ پ شهيد ڀٽو حيدرآباد آرگنائيزر اڪبر جهيجو، قومپرست اڳواڻ امتياز ميراڻي، جسقم اڳواڻ جميل ڌونڪائي، سردار راجا خاصخيلي، سيد ساجد شاھ، يونس چانڊيو، پريس ڪلب جي صدر ڏاتربخش سينهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪاشف باغي جي قتل تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو، جونيئر ذوالفقارعلي ڀٽو پاران سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيسبڪ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته ڪاشف باغي جي موت جي خبر ٻڌندي سخت ڏک پهتو آھي، الله پاڪ رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ هن جا درجات بلند فرمائي ۽ وارثن کي صبر جي توفيق عطا ڪري، جڏهن ته پ پ (ش ڀ) جي اڳواڻ ڪاشف باغي جي ڏکوئيندڙ موت بابت جاچ لاءِ حيدرآباد جي ايس ايس پي نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي بلديا، ڊي ايس پي قاسم آباد، ايس ايڇ او قاسم آباد ۽ ايس ايڇ او نسيم نگر تي مشتمل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ته جيئن ڪاشف باغي جي موت بابت جاچ ڪري سبب معلوم ڪري سگهجن. ياد رهي ته ڪاشف باغي جو گذريل رات قاسم آباد ۾ ھڪ فليٽ ۾ مٿي ۾ گولي لڳل لاش ھٿ آيو ھيو. ڪاشف باغي جي دوستن ۽ وارثن جو چوڻ آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي ۽ ھنن قتل جي ايف آء آر قاسم آباد ٿاڻي تي داخل پڻ ڪرائي آھي.