تهران/واشنگٽن/تل ابيب (م ڊ) وچ اوڀر ۾ جاري جنگ انتهائي خطرناڪ موڙ تي پهچي وئي آهي. گڏيل عرب امارات جي اهم بندرگاهه فجيرا ۾ تيل جي هڪ وڏي ڊيپو تي ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سڄي علائقي ۾ دونهون پکڙجي ويو. اماراتي دفاع واري وزير موجب، انهن ڪاميابيءَ سان 9 بيلسٽڪ ميزائل ۽ 33 ڊرونز کي هوا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته مڙهيل ظالماڻي جنگ جا 15 ڏينهن پورا ٿيا، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ باوجود ايران ۾ حالتون معمول تي آهن، ڏکيائين باوجود عوامي خدمتن جي فراهمي ۾ ڪا رنڊڪ ناهي، ايراني عوام جي سهڪار سان اها صورتحال گذاري وٺنداسين. جيڪا تباهي ٿي آهي، ان کي اڳ کان بهتر بڻائي ٻيهر تعمير ڪنداسين. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جو چوڻ آهي ته آمريڪي اڏا وچ اوڀر جي سلامتي لاءِ خطرو آهن، جنگ واضح ڪري ڇڏيو ته اسان جي خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏا ڪنهن جي حفاظت نٿا ڪن. آمريڪا سڀني کي اسرائيل تي قربان ڪري ٿو، کيس اسرائيل کانسواءِ ڪنهن جي پرواهه ناهي. آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب، سعودي عرب ۾ پرنس سلطان ايئر بيس تي ايراني ميزائل حملن ۾ 5 آمريڪي جهاز متاثر ٿيا آهن. ري فيولنگ جهازن کي نشانو بڻايو ويو جن جي مرمت جو ڪم جاري آهي. آمريڪا جا مجموعي طور 7 جهاز متاثر ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ايران جي تيل جي رڳ سمجهي ويندڙ خارگ ٻيٽ تي تاريخي بمباري جي دعويٰ ڪئي آهي. آمريڪا موجب 90 کان وڌيڪ فوجي هدف تباهه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايران جو چوڻ آهي ته تيل جو انفراسٽرڪچر اڃا محفوظ آهي. ايران جي خارگ ٻيٽ تي 15 کان وڌيڪ ڌماڪا ٻڌا ويا. صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب ۾ پنهنجي 5 جهازن جي تباهي واري خبر کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ڪنهن نه ڪنهن طرح آبنائي هرمز کي آزاد ڪرائيندو. جڏهن ته ايراني پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته انهن قطر، بحرين ۽ امارات ۾ موجود آمريڪي اڏن تي حملو ڪري پيٽرياٽ ميزائل سسٽم ۽ جهازن جي فيول ٽينڪن کي سخت نقصان پهچايو آهي. ذريعن موجب، ايراني صوبي ڪردستان ۽ ايلام تي آمريڪي ۽ اسرائيلي فوج جي وحشياڻي بمباري سبب 112 ڄڻا شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن. جواب ۾ پاسدارانِ انقلاب حزب الله سان گڏجي اسرائيل تي حملن جي 48 هين لهر شروع ڪئي، جنهن ۾ صفد ويجهو اهم فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو. ايران پڻ خليج ۾ آمريڪي بينڪن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.ايراني انقلابي گارڊز جو چوڻ آهي ته ايراني بينڪن تي حملن جي جواب ۾ نار وارن ملڪن ۾ آمريڪي بينڪن کي نشانو بڻايو ويو آهي. ٻئي طرف، عراقي گاديءَ واري هنڌ بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ميزائل حملن کانپوءِ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. عراقي مزاحمتي گروپن پاران 24 ڪلاڪن ۾ آمريڪي اڏن تي 8 حملا ڪيا ويا. آمريڪا وڌيڪ هزارين فوجي خطي ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي جرمن چانسلر آمريڪي حڪمت عملي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. جرمن چانسلر صدر ٽرمپ تي سخت تنقيد، چيو ته آمريڪا وٽ جنگ ختم ڪرڻ جي ڪا به واضح حڪمت عملي ناهي. حماس ايران کي اپيل ڪئي آهي ته کين جوابي ڪارروائي جو حق آهي پر پاڙيسري ملڪن کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ٽرمپ جي صلاحڪار کيس صلاح ڏني آهي ته آمريڪا ايران ۾ پنهنجي فتح جو اعلان ڪري واپس نڪري وڃي. عرب ميڊيا جاري جنگ جي گذريل 15 ڏينهن جي جاني نقصان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن موجب آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 1444 ايراني شهيد ٿي چڪا آهن، 7 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن. لبنان ۾ شهيدن جو انگ 773 تائين پهچي ويو آهي. جوابي ڪارروائين ۾ 11 آمريڪي فوجي ۽ 14 اسرائيلي مارجي ويا آهن. اسرائيل ۾ زخمين جو انگ 2975 ٻڌايو پيو وڃي. رپورٽ موجب، عراق ۾ 26، يو اي اي ۽ ڪويت ۾ 6-6، عمان ۾ 3 ۽ سعودي عرب ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيا آهن.