روس ۽ ايران عالمي معيشت” هاءِ جيڪ“ ڪرڻ چاهين ٿا: برطانوي پرڏيهي وزير

رياض (ع آ نيوز) برطانوي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته روس ۽ ايران عالمي معيشت کي ”هاءِ جيڪ “ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، برطانوي پرڏيهي وزير يوويٽ ڪوپر چيو آهي ته روس ۽ ايران عالمي معيشت کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري  رهيا آهن، ڇو⁠ ته آبناءِ هرمز ۾ حملن سبب سامونڊي ٽريفڪ محدود ٿي وئي آهي. واضح رهي ته ايران جي نئين سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي خميس ڏينهن چيو هو ته هو آبناءِ هرمز وٽان لنگهندڙ سامونڊي جهازن جي چرُپُر روڪي ويندي، جڏهن ته آمريڪا روسي تيل جي خريداري تي مڙهيل پابندين ۾ عارضي نرمي جو اعلان ڪيو هو.يوويٽ ڪوپر چيو ته ” روس ۽ ايران جا لاڳاپا ڊگهي عرصي کان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي رويي ۽ حربن ۾ به ڪافي هڪجهڙائي موجود آهي.“ هن چيو ته ”اسان ڏسي رهيا آهيون ته هي ٻئي رياستون هڪٻئي جي مدد ڪرڻ ۽ گڏجي لاڀ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ته جيئن عالمي معيشت کي هاءِ جيڪ ڪري سگهجي.“يوويٽ ڪوپر سعودي عرب جي ريگستان ۾ برطانوي فوج جي ايئر ڊفينس يونٽ جو دورو ڪيو.ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رائل آرٽيلري جي فوجين جو هي دستو سعودي عرب ۽ ان نار وارن عرب اتحادي ملڪن لاءِ برطانيا جي جاري دفاعي عزم جو حصو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.