اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري سرپرستي ۾ هلندڙ ادارن جي ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري حاصل ٿيل رقم سڌي ريت عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ حڪومتي ادارن جي ملازمن جي پگهارن مان 5 کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي جو فيصلو ڪيو ويو، ان قدم جو بنيادي مقصد قومي ناڻي تي بار گهٽائڻ ۽ گڏ ٿيل فنڊ غريب طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ استعمال ڪرڻ آهي، پگهارن مان ٿيندڙ ڪٽوتي جي رقم کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي ۽ ٻين فلاحي منصوبن لاءِ رکي ويندي ته جيئن عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچائي سگهجي.
اجلاس دوران خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ ان جي پيٽروليم شين جي اگهن تي پوندڙ اثرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته عالمي مارڪيٽ ۾ اگهن ۾ لاهن چاڙهڻ سبب عوام کي محفوظ رکڻ لاءِ حڪومتي سطح تي بچت ڪرڻ اڻٽر ٿي ويو آهي.
وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڏکين معاشي حالتن ۾ حڪومتي مشينري کي قرباني ڏيڻي پوندي، سرڪاري وسيلا ڪنهن صورت ۾ ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ هر بچت جو فائدو سڌي ريت عوام کي پهچايو ويندو.
You might also like