اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت افغان طالبان اختيارين طرفان پاڪستان جي ڪجهه چوڪين تي قبضي ۽ نقصان جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو.
وزارت موجب اها ڪوڙي دعويٰ افغان عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي، افغان عوام پاڻ انهن دهشتگردن سبب سڌي ريت تڪليف کي منهن ڏئي رهيو آهي.
وزارت چيو ته اسان افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي نقصانن جي اپ ڊيٽ ڪندا رهندا آهيون، دهشتگردن ۽ مددگار ڍانچي خلاف ڪارروائين بابت ڄاڻ جي فراهمي ۾ احتياط کان ڪم ورتو پيو وڃي.
اطلاعات واري وزارت چيو ته دهشتگردن ۽ ڀارتي ميڊيا، سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس جي دعوائن ۾ ڪا صداقت ناهي، طالبان رجيم جي دعوائن جي حق ۾ ڪي ثبوت سامهون ناهن آيا.
افغان طالبان طرفان پاڪستاني چوڪين تي قبضي ۽ نقصان جون دعوائون، حقيقت سامهون اچي وئي
You might also like