لڪي مروت (م ڊ) لڪي مروت ۾ پوليس تي حملي ۾ ايس ايڇ او سميت 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا، دهشتگردن آءِ اي ڊي بم سان پوليس موبائل کي نشانو بڻايو، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، رپورٽ موجب لڪي مروت ۾ پوليس تي حملي دوران ايس ايڇ او سميت 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا، شادي خيل ٿاڻي جي پوليس اسٽيشن جي موبائل ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت 7 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، پوليس موجب شهيد ٿيندڙن ۾ ٿاڻو شادي خيل جو ايس ايڇ او به شامل آهي، شروعاتي اطلاعن موجب پوليس موبائل کي آءِ اي ڊي بم ذريعي نشانو بڻايو ويو، واقعي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ ڏانهن روانيون ڪيون ويون، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، شهيدن ۾ ايس ايڇ او صدر اعظم، ڪانسٽيبل شاهه بهرام (ڊرائيور) ڪانسٽيبل شاهه خالد، ڪانسٽيبل حاجي محمد، ڪانسٽيبل گل زاده ۽ ڪانسٽيبل سخي زاده شامل آهن، جڏهن ته ڪانسٽيبل انصاف الدين کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي پاسي وڏي وزير سهيل آفريدي لڪي مروت ۾ پوليس گاڏي ويجهو ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، هن چيو ته واقعي ۾ ايس ايڇ او سميت 7 پوليس اهلڪارن جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي، صوبائي حڪومت شهيدن جي وارثن سان مڪمل ٻڌي سان گڏ بيٺي آهي، دهشتگردن جون ناڪام ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس وين ويجهو دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، ملڪ مان دهشت گردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهيون.