ايراني سپريم ليڊر زخمي آهي، جنگ ۾ رحم نه ٿيندو: آمريڪي وزير

واشنگٽن/تهران/تل ابيب (م ڊ) وچ اوڀر ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي، جڏهن ته تهران ۾ يومِ القدس جي ريلي ويجهو ڌماڪن ۽ مختلف ملڪن جي بيانن کانپوءِ علائقي ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي. آمريڪي اختيارين ايران خلاف سخت حملا جاري رکڻ جو اعلان  ڪيو آهي، جڏهن ته ايران به آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت جواب ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ٻئي پاسي اسرائيل ايران تي سوين هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته خطي ۾ ميزائل، ڊرون حملن ۽ فوجي ڪارروائين سبب تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهيو آهي.آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ ميڊيا بريفنگ دوران چيو آهي ته ايران جو ايئر ڊفينس سسٽم لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آهي، ايران سان جنگ ۾ ڪو به رحم نه ڪيو ويندو ۽ اڄ سڀ کان سخت حملا ڪيا ويندا.پيٽ هيگسيٿ چيو ته ايراني حڪومت جا اڳواڻ زمين اندر بنڪرن ۾ هليا ويا آهن، آبناءِ هرمز ۾ جيڪا صورتحال آهي ان حوالي سان دنيا کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. ميڊيا بريفنگ دوران آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چييفس آف اسٽاف چيو ته ايران تي حملن جو اڄ 14هون ڏينهن آهي، اڄ فوجي حملن جو سڀ کان ڳرو ڏينهن هوندو. آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چييفس آف اسٽاف چيو ته ٻن هفتن کان به گهٽ عرصي ۾ اسان ايراني سامونڊي فوج کي غير فعال ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن⁠ته ايران وٽ اڃا به دوست فوجين ۽ واپاري جهازن کي نقصان پهچائڻ جي صلاحيت موجود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.