ڪراچي ۾ وڌيڪ اي وي ۽ ڊبل ڊيڪر بسون آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر)  سڌ سماءَ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عوام لاءِ نئين خوش خبري کڻي آيو،  سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي ڪراچي جي ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ وڌيڪ اي وي بسون شامل ڪرڻ  جڏهن ته ڪراچي شهر ۾ وڌيڪ ڊبل ڊيڪر بسون آڻڻ آهن جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت عيد کان اڳ ڪراچي ۾ اي وي بسن جا نوان روٽ شروع ڪرڻ ۽ عيد کان پوءِ مرحليوار ٻين ضلعن ۾ پيپلز بس سروس متعارف ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اي وي ٽيڪسي سروس جي شروعات بابت پڻ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، نوان روٽ شروع ڪرڻ، ڊبل ڊيڪر بسون وڌائڻ ۽ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي روڊ انفراسٽرڪچر سان لاڳاپيل مسئلن بابت پڻ اجلاس کي آگاهي ڏني، اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي سڀني روڊن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ پيپلز بس سروس جي روٽس تي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل وزارت سان به ڳالهايو ويندو، هن چيو ته عيد کان اڳ ڪراچي ۾ اي وي بس سروس جا نوان روٽ شروع ڪيا پيا وڃن ۽ گلشن معمار کان ٽاور تائين اي وي بس جو نئون روٽ پڻ ايندڙ هفتي شروع ڪيو پيو وڃي، عيد کان پوءِ مرحليوار هي سروس سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ متعارف ڪرائي ويندي ۽ عيد کان پوءِ حيدرآباد، ٽنڊي الهيار، سکر، شڪارپور ۽ خيرپور ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.