اهم شخصيتن جي گهرڀاتين جي ڪاروبار ڪرڻ تي پابندي جا سانباها

ڪراچي/اسلام آباد (نمائندن وٽان) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان اهم سياسي شخصيتن ۽ اعليٰ سرڪاري عهديدارن لاءِ نيون سخت ريگوليشنز تيار ڪري ورتيون آهن. سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ قائمي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته انهن قاعدن موجب سياسي شخصيتن جا ويجها مائٽ ۽ دوست هاڻي ڪاروبار نه ڪري سگهندا، ڇاڪاڻ ته انهن کي پڻ پي اي پي (پوليٽيڪلي ايڪسپوزڊ پرسنز) جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ته انهن ريگوليشنز سبب ويجهن دوستن لاءِ به ڪاروبار جا دروازا بند ٿي رهيا آهن. جنهن تي سينيٽر عبدالقادر چيو ته ڪاروبار ڪرڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ بينڪن کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻ گهرجي. ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بينڪ ڪميٽي کي وضاحت ڏيندي چيو ته اهي تبديليون ايف  اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيون ويون آهن. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انهن شرطن تي عمل نه ڪيو ويو ته پاڪستان جو نالو ٻيهر گري لسٽ ۾ شامل ٿيڻ جو خطرو آهي. سليم مانڊوي والا ريگوليشنز تي نظرثاني جي سفارش ڪندي، بينڪ اڪائونٽن جي معاملن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.