اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڪلاڪن جي هنگامي سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسن اندرابي موجب، وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به وزيراعظم سان گڏ آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته شهباز شريف سعودي ولي عهد سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران خطي ۾ جاري تڪرار ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال، گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.