ڪراچي(فواد احمد)ڪامران ٽيسوري گورنر هائوس جا دروازا عوام لاءِ کوليا، جنهن جي ڪري ڪراچي ۾ هزارين نه پر لکين ماڻهو هئا، جن گورنر هائوس اندر کان ڪڏهن نه ڏٺو هوندو. اهو عهدو ماڻڻ کان اڳ اهي به خدشا هئا ته هو گورنر بڻجي سگهندو يا نه؟گورنرشپ جو اعلان ٿيڻ کان اڳ ايم ڪيو ايم طرفان ڪشور زهره جو نالو آيو، پر آخرڪار ڪامران ٽيسوري گورنر بڻجي ويو ڇو ته هن کي طاقتورن ۽ خالد مقبول جي حمايت حاصل هئي،ڪامران ٽيسوري ڪيترائي سٺا ڪم به ڪيا، جهڙوڪ عوام کي گورنر هائوس ڏيکارڻ، پروجيڪٽ هلائڻ ۽ سماجي تقريبون ڪرائڻ،وڏا وڏا انعام ڏيڻ،هزارين شاگردن کي آءِ ٽي ڪورس ڪرائڻ، پر انهن تي پڻ سوال اٿيا ته ڇا اهي سڀ ڪم پنهنجي کيسي مان ڪري رهيو آهي يا عوامي خزاني مان؟ڪامران ٽيسوري کي ايم ڪيو ايم جي اندر به مڪمل طور تي قبوليت نه ملي هئي. هڪ گروپ هن کي سازش جو ذريعو سمجهندو هو. ان دوران، ٻيو گروپ جيڪو خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ هو، ڪامران ٽيسوري جي مضبوط حمايت ڪندو رهيو،هن تي پ پ جا به اعتراض هئا،هاڻي ن ليگ جي نهال هاشمي جي مقرري پيپلز پارٽي لاءِ عارضي طور تي اطمينان جوڳي آهي.