ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جرمن اسڪول اورنگي ٽائون تي قبضي ۽ غيرقانوني ليز خلاف داخل درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ڊپٽي ڪمشنر اولهه کي طلب ڪري ورتو، جسٽس عبدالمبين لاکو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني آئيني بينچ آڏو جرمن اسڪول اورنگي ٽائون تي قبضي ۽ غيرقانوني ليز خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ سعيد الزمان ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 2024 ۾ ڪميٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت غيرقانوني ليز ختم ڪرڻ ۽ حددخليون هٽائڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو، جڏهن ته اداري کي هلائڻ لاءِ معززين جي ڪميٽي ٺاهڻ جو به حڪم ڏنو ويو هو، جسٽس عبدالمبين لاکو رمارڪس ڏنا ته توهان مهلت پٺيان مهلت گهري رهيا آهيو ۽ عدالتي حڪم تي عمل نٿا ڪريوم توهان جي ڪري سرڪاري ادارا تباهه ٿي رهيا آهنڍ، عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ سبب عوام جو عدليه تي اعتماد به گهٽجي رهيو آهي.