ڪراچي/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ نهال هاشمي کي نئون گورنر سنڌ مقرر ڪرڻ جي سمري صدر آصف علي زرداري کي منظوري لاءِ موڪلي ڏني آهي. ذريعن موجب، ڪامران ٽيسوري آڪٽوبر 2022 ۾ گورنر بڻيو هو پر پيپلز پارٽي سان سندس لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا رهيا. پيپلز پارٽي جو موقف هو ته گورنر آئيني عهدي تي هجڻ باوجود سياسي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي فائدو پهچائي رهيو آهي. ٻئي طرف، طاقتور حلقن ۾ تبديلين کانپوءِ ڪامران ٽيسوري کي حاصل حمائت ختم ٿي وئي. جيتوڻيڪ هن پنهنجي ڪرسي بچائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي، هن ڊي جي سي ميجر جنرل فيصل نصير جي مدد حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي جي مطالبي تي کيس گهر موڪلڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو. نهال هاشمي جو تعلق ڪراچي سان آهي ۽ هو ڊگهي عرصي کان مسلم ليگ (ن) سان لاڳاپيل آهي. هو 1997 کان 1999 تائين نواز شريف جي دور ۾ قانون ۽ انصاف وارو مشير رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ هو سينيٽر ۽ مسلم ليگ (ن) سنڌ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. هاڻي صدر جي صحيح کانپوءِ هو باقاعده سنڌ جي گورنر جو حلف کڻندو.