ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي حڪومت جي ڪفايت شعاري واري اعلان کي شهرين رد ڪري ڇڏيو آهي،ايڪس(ٽوئيٽر) تي سوشل ميڊيا صارف ڪامران احسن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي سوالڪيو آهي ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته وفاقي ڪابينا ٻن مهينن جي پگهار ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.جناب، عوام ته اها اميد ڪري رهيو هو ته سڀ جج، بيوروڪريسي ۽ پارليامينٽ جا ميمبر پنهنجون پگهارون مستقل طور اڌ ڪري ڇڏيندا ۽ اربين رپين جون مراعتون به مستقل ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندا.اهڙن معمولي قدمن سان عوام ڪيئن مطمئن ٿيندو؟صحافي امبر دانش لکيو ته وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا، سڀئي اسيمبلي ميمبر ۽ انهن جا ايڊوائزر به مفت پيٽرول وٺڻ کان هٿ کڻن.ان کان علاوه خرچن ۾ ڪجهه گهٽتائي اعليٰ عدليه طرفان به ٿيڻ گهرجي.يعني رياست جي سڀني وڏن ادارن کي گهرجي ته ملڪ جي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي خرچ گهٽ ڪن،اينڪر غريده فاروقي چيو ته ڇا عوام لاءِ پيٽرول 55 رپيا مهانگو ڪرڻ ۽ ڪابينا جو ٻه مهينا پگهار نه وٺڻ برابر ڳالهه آهي؟حڪومت عوام جي ٽيڪس سان استعمال ٿيندڙ مفت پيٽرول ڇو ختم نه ڪيو؟شهزاد يونس شيخ لکيو ته وفاقي ڪابينا ٻن مهينن جي پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ان کان وڏو ڊرامو شايد ئي ڪو هجي.ڀائي، پگهار ته وٺو، پر باقي شيون مفت گهر،مفت پيٽرول،سرڪاري گاڏيون،پروٽوڪول وغيره ڇڏيو،مليحه هاشمي لکيو ته ٻن مهينن جي پگهار نه وٺڻ سان ڪو خاص فرق نه پوندو.جيستائين سرڪاري خرچ تي غير ضروري پروٽوڪول،سرڪاري گاڏين جا ڊگها ۽ غير ضروري قافلاعوام جي ٽيڪس جي پئسن سان ذاتي تشهير نٿا ڇڏيو،تيستائين عوام کي ڪو حقيقي فائدو نه ٿيندو،منصور قريشي لکيو ته پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا صرف ٻن مهينن جي پگهار ڇڏڻ سان ڪفائت شعاري اچي ويندي؟جڏهن عوام تي پيٽرول، بجلي، گيس ۽ ٽيڪسن جي صورت ۾ کربين رپين جو بار وڌو وڃي ۽ پوءِ اهڙن علامتي فيصلن کي ڪفائت شعاري چيو وڃي، ته عوام کي اهو سنجيده پاليسي کان وڌيڪ علامتي سياست لڳندو آهي،اظهر ايم خان لکيو ته وزيرن کان درخواست آهي ته جيڪڏهن هو چاهين ته ٻن مهينن جي وڌيڪ پگهار به ڀلي وٺن، اسان کي ڪو اعتراض نه آهي.پر خدا جي واسطي سرڪاري گاڏيون،ڊگها پروٽوڪول،مفت سفرٻاهرين ملڪن جا سرڪاري دورامفت گيس ۽ بجلي ڪيمپ آفيسون وغيره ختم ڪريوملڪ کي سادگي جو مثال گهرجي، مراعتن جو نه،اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي لکيو ته ڇا ڪابينا پگهار نه وٺندي؟ هي بچت نه آهي، ڊرامو آهي. اصل خرچ ته اهو آهي جيڪو پيٽرول ۽ مراعتن تي ڪابينا ۽ انهن جا ملازم عوام جي پئسن مان خرچ ڪن ٿا.