عيد کانپوءِ کير جو في ڪلو اگهه 300 رپيا ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ مهانگائي جي لهر تيز ٿيڻ بعد ڊيري فارمرن عيد کانپوءِ کير جو في ڪلو اگهه 300 رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. فارمرن جو موقف آهي ته کير تيار ڪرڻ تي کين 295 رپيا خرچ اچي ٿو، جنهن ڪري موجوده 220 رپيا اگهه تي ڪاروبار هلائڻ ممڪن ناهي. هوڏانهن ڪمشنر ڪراچي کي اگهه وڌائڻ لاءِ خط پڻ لکيو ويو آهي. ٻئي طرف، سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي جو چوڻ آهي ته کير جي اگهه ۾ واڌ جو اختيار صرف ڪمشنر وٽ آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به ايسوسيئيشن پنهنجي مرضي سان اگهه وڌايا ته انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. حڪومت جو چوڻ آهي ته عوام کي مهانگو کير وڪرو ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي.

  1. ايل پي جي به عوام جي پهچ کان پري، 350 رپيا في ڪلو ٿي وئي

اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ تيل اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جِي جَي اگهن ۾ به وڏي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ في ڪلو اگهه 320 مان وڌي 350 رپيا ٿي ويو آهي. ايل پي جِي مارڪيٽنگ ايسوسيئيشن جي اڳواڻ علي حيدر موجب، عالمي حالتن ۽ ايران مان سپلاءِ متاثر ٿيڻ سبب مارڪيٽ تيدٻاءُ وڌيو آهي. هن چيو ته سپلاءِ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت کي روس يا عمان مان ايل پي جي گهرائڻ جا انتظام ڪرڻ گهرجن. ياد رهي ته حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ پڻ 55-55 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي،  جنهن کانپوءِ عوام ۾ سخت بيچيني ۽ مهانگائي وڌڻ جا خدشا پيدا ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.