اسلام آباد(مهتاب حيدر+وقار گيلاني)وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب پاڪستان ۾ معاشي ۽ توانائي جو بحران وڌي رهيو آهي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 55 رپيا واڌ کانپوءِ حڪومت ڪجهه ڪفايتي قدمن جو اعلان ڪيو آهي،ورچوئل ميٽنگون ڪرڻ،آفيسن ۾ ڪم جا ڪلاڪ گهٽائڻ،جمعي جي مختصر ڪم جو اعلان،سفر ۽ غير ضروري خرچ گهٽائڻ،سرڪاري گاڏين ۽ هيليڪاپٽرن جي استعمال ۾ ڪمي شامل آهن،قطر جي ايل اين جي سپلائي ۾ رڪاوٽ سبب تيل جون قيمتون تيزي سان وڌي ويون آهن. هاڻي تيل اگهه 150 ڊالر في بيرل کان مٿي وڃي سگهي ٿو، جنهن سان مهانگي وڌندي ۽ عام ماڻهو متاثر ٿيندو.پاڪستان تيل، فرنيس آئل ۽ ايل اين جي تي گهڻو دارومدار رکي ٿو، جنهن سبب درآمد تي منحصر ملڪ لاءِ صورتحال وڌيڪ خطرناڪ آهي.سرڪاري آفيسرن جي تيل ۽ گاڏين جي استعمال تي به پابندي گهٽ آهي، جنهن سان عوام جي مالي دٻاءُ وڌي رهيو آهي،جڏهن ته حڪومتي ڪفايتي قدمن جا اعلان اڃا تائين علامتي لڳي رهيا آهن ۽ زميني سطح تي اثرائتي عملداري نه ٿي آهي.پاڪستان معاشي طور انتهائی خطرناڪ صورتحال ۾ آهي.جيڪڏهن تيل جي قيمتن ۽ توانائي جي بحران کي فوري حل نه ڪيو ويو، ته مهانگي ۽ معاشي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويندو.عوام جي فائدي لاءِ حڪومت کي اصل قدم کڻڻا پوندا، رڳو علامتي پاليسين سان رياست نٿي هلي سگهي.