ڪراچي (رپورٽر) جنگي جنون ۽ قبضي گيري سڄي دنيا کي خوفناڪ تباهي جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. دنيا تي هڪ ڀيرو ٻيهر نوآبادياتي نظام مڙهيو پيو وڃي، جنهن سبب عورتون خاص ڪري محنت ڪش عورتون ۽ ٻار سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. آزادي جي نئين تحريڪ وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن جو مقصد رڳو قومي آزادي ۽ خودمختياري نه پر سماجي، طبقاتي، جمهوري ۽ صنفي انصاف تي ٻڌل سماج جو قيام به آهي. انهن خيالن جو اظهار مقررن هوم بيسڊ وومن ورڪرز فيڊريشن پاڪستان جي اهتمام هيٺ محنت ڪش عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد ڪيل “محنت ڪش عورت ريلي” کي خطاب ڪندي ڪيو. ريلي ڪراچي آرٽس ڪائونسل کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي جنهن جي قيادت فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ زهرا خان ڪري رهي هئي. هن سال ريلي جو بنيادي نعرو هو: “محنت ڪش عورت: جنگ ۽ جبر جي خلاف.” ريلي ۾ هزارين محنت ڪش عورتن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي مقررن چيو ته محنت ڪش عورتن جو بين الاقوامي ڏينهن هڪ انتشار ۽ رت سان ڀريل ماحول ۾ ملهايو پيو وڃي. سرمائيداراڻي منافعي جي جنگي جبلت سڄي دنيا جو امن تباهه ڪري ڇڏيو آهي. غزا ۾ هزارين معصوم فلسطيني شهرين جي نسل ڪشي کان پوءِ لبنان ۽ يمن کي تباهيءَ ۾ ڌڪيو ويو آهي، شام تي دهشتگرد مسلط ڪيا ويا آهن، ۽ وينزويلا جي تيل جي ذخيرن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ان جي صدر ۽ خاتون اول کي خوني آپريشن ذريعي زبردستي اغوا ڪيو ويو. لاطيني آمريڪا جي آزاد ۽ خودمختيار ملڪن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڪيوبا تائين تيل ۽ ضروري شين جي رسائي ناممڪن بڻائي ان کي شديد معاشي بحران ۽ انساني الميي سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، گرين لينڊ تي کليل قبضن جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ هاڻي ايران جي خودمختياري خلاف هٿياربند جارحيت مسلط ڪئي وئي آهي جنهن سڄي علائقي کي رتو ڇاڻ جنگ جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.پاڪستان جا حڪمران پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪري ستن سمنڊ پار موجود سامراج سان دوستي تي فخر ڪري رهيا آهن، جنهن جا هٿ فلسطيني، لبناني، شامي، لاطيني آمريڪي عوام ۽ ايرانين جي رت سان رڱيل آهن ۽ جيڪو نيتن ياهو جهڙي فاشسٽ نسل پرست جي پٺڀرائي ڪندڙ اصل قوت آهي. پاڪستان جي حڪمرانن جي منافقاڻي پاليسين جو اهو به ثبوت آهي ته جن عورت دشمن ۽ سماج دشمن هٿياربند گروهن کي اڄ دهشتگرد قرار ڏنو وڃي ٿو، هڪ وقت اهي پاڻ انهن جي تخليق ۾ شامل هئا.ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ملڪ انهن خوني تڪرارن جو حصو بڻجي ويو آهي جن سان ان جو سڌو تعلق نه هو. نتيجي طور عالمي جنگ جا خطرا پاڪستان جي سرحدن تائين پهچي رهيا آهن، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ بي تحاشا واڌ معاشي بحران کي جنم ڏئي رهي آهي ۽ مهانگائي جو طوفان محنت ڪش طبقي جي زندگين کي سخت متاثر ڪندو. .ان موقعي تي ٽيڪسٽائل شعبي جي انهن محنت ڪش عورتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو جن جي قربانين ۽ جدوجهد جي ياد ۾ هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. انهن عورتن جي هڪ سئو ارڙھن(١١٨) سال اڳ معاشي انصاف لاءِ شروع ڪيل جدوجهد اڄ سياسي، صنفي، سماجي ۽ سامراجي جبر خلاف هڪ طاقتور عالمي تحريڪ بڻجي چڪي آهي جيڪا طبقاتي ۽ صنفي جبر جي خاتمي تائين جاري رهندي.محنت ڪش عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مطالبو ڪيو ويو ته ايران خلاف جارحيت فوري طور بند ڪئي وڃي، ايراني عوام خاص طور عورتن جا جمهوري ۽ بنيادي حق بحال ڪيا وڃن، فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي ۽ انهن جي آزاد رياست جي قيام کي تسليم ڪيو وڃي، وينزويلا جي چونڊيل صدر مادورو ۽ سندس گهرواري کي آزاد ڪيو وڃي، ڪيوبا خلاف سڀ اقتصادي پابنديون ختم ڪيون وڃن.