اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جنگي صورتحال سبب اضافي ڪفايت شعاري جي قدمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪفايت شعاري جا قدم سڀني وزارتن، کاتن، خودمختيار ادارن، دفاعي ادارن، عدليه ۽ پارليامينٽ ۾ هڪجهڙا لاڳو هوندا. سومر ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪفايت شعاري بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير احسن اقبال، اويس لغاري، علي پرويز ملڪ، عطاءُ الله تارڙ، مصدق مسعود ملڪ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.وزيراعظم جنگي صورتحال جي ڪري اضافي ڪفايت شعاري جي قدمن جي منظوري ڏني، جڏهن ته ڪفايت شعاري جا قدم سڀني وزارتن، کاتن، خودمختيار ادارن، دفاعي تنظيمن، عدليه ۽ پارليامينٽ تي برابر لاڳو ڪيا ويندا. ايندڙ 2 مهينن لاءِ سڀني سرڪاري گاڏين کي ٻارڻ جي فراهمي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي. ٻارڻ جي کوٽ سرڪاري بسن، ايمبولينس، موٽر سائيڪلن وغيره جهڙين آپريشنل گاڏين لاءِ نه هوندي. ٻارڻ ۾ ڪٽوتي سان وفاقي سطح تي 4.5 ارب رپيا بچائڻ جي اميد آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏين کي ٻن مهينن لاءِ گرائونڊ ڪيو ويندو، جڏهن ته جون 2026 تائين هر قسم جي نئين گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا جا سڀئي وزير، صلاحڪار ۽ مددگار رضاڪارانه طور تي ٻن مهينن جي پگهار ۽ الاؤنسزن کان هٿ کڻندا. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سڀني ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ رضاڪارانه طور تي 20 سيڪڙو ڪٽوتي ٻن مهينن لاءِ ڪئي ويندي، جڏهن ته سڀني وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۾ ٽن لک رپين کان وڌيڪ پگهار وارن گريڊ 20 ۽ ان کان مٿي جي سرڪاري آفيسرن جي پگهارن ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ڪٽوتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ساڳئي طرح، مالي سال جي چوٿين ٽه ماهي لاءِ سڀني وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي غير ترقياتي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو ڪٽوتي جو به اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته بجيٽ ڪٽوتي سان وفاقي سطح تي 22 ارب رپيا بچائڻ جي اميد آهي.
اسلام آباد (بيورو رپورٽ/ع آ نيوز) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايراني سپريم ليڊر ۽ سندس گهر ڀاتين جي شهادت تي پاڪستان گهري ڏک جو اظهار ڪري ٿو، ايران تي ٿيندڙ اسرائيلي حملن جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي عرب، ڪويت، قطر، بحرين ۽ ٻين ملڪن تي حملن جي به مذمت ڪيون ٿا، نار ملڪن تي حملن سان خطي جي امن کي خطرا پيدا ٿي ويا آهن، پاڪستان آزمائش جي ان گهڙي ۾ انهن ملڪن سان گڏ بيٺو آهي ۽ انهن جي سلامتي کي پنهنجي سلامتي جو حصو سمجهي ٿو. هن چيو ته اسان جي معيشت جو دارومدار نار مان ايندڙ تيل ۽ گيس تي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل مهانگو ٿيو آهي، پاڪستان صورتحال کي ڏسندي ڏکيا فيصلا ڪيا آهن، ڏکين حالتن باوجود هر ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته معيشت کي مستحڪم رکيو وڃي.سندس چوڻ هو ته تيل اگهن ۾ واڌ دل تي پٿر رکي ڪئي، ان کانسواءِ ڪو ٻيو چارو نه هو، اسان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ سرڪاري کاتن جي گاڏين کي ملندڙ ٻارڻ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪري رهيا آهيون ۽ 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون گرائونڊ ڪيون پيون وڃن.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪابينا جا سمورا وزير، صلاحڪار، مددگار رضاڪاراڻي طور ٻن مهينن جي پگهار ۽ الائونس ڇڏيندا، اهڙي ريت پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن مان به 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي.وزيراعظم چيو ته موجوده عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ڏکيا فيصلا ڪيا آهن. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ گئس جي قيمتن جو تعين ڪرڻ پاڪستان جي اختيار ۾ ناهي. حڪومت توانائي بحران کي گهٽائڻ لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن.وزيراعظم موجب، ايندڙ 2 مهينن لاءِ سڀني سرڪاري کاتن جي 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏين کي گرائونڊ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سڀئي ڪابينا ميمبر، وزير، صلاحڪار ۽ مددگار رضاڪارانه طور تي 2 مهينن جي پگهار نه وٺندا. ساڳئي طرح پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي.وزيراعظم اعلان ڪيو ته سرڪاري آفيسرن، صلاحڪارن ۽ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي پرڏيهي دورن تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته گورنرن جي به ٻاهرين ملڪ سفر تي پابندي لڳائي ويندي.وزيراعظم موجب، ٽيلي ڪانفرنس ۽ آن لائن ملاقاتن کي ترجيح ڏني ويندي، سرڪاري ڊنر ۽ افطار پارٽين تي به مڪمل پابندي لڳائي ويندي، ۽ سرڪاري خرچن کي گهٽائڻ لاءِ هوٽلن جي بدران سرڪاري هنڌن تي سيمينار ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون. وزيراعظم موجب، ضروري خدمتن کان سواءِ سرڪاري ۽ خانگي شعبن ۾ 50 سيڪڙو عملو ٻارڻ ۽ توانائي بچائڻ لاءِ گهر کان ڪم ڪندو.وزيراعظم چيو ته آفيسون هفتي ۾ صرف چار ڏينهن کليل رهنديون ۽ هفتي ۾ هڪ اضافي ڏينهن جي موڪل ڏني ويندي، اهو بينڪن ۽ صنعتن ۽ زراعت جي شعبن تي لاڳو نه ٿيندو. وزيراعظم موجب، هن هفتي جي آخر کان سڀني اسڪولن کي ٻن هفتن جون موڪلون ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ آن لائن ڪلاسز منعقد ڪيا پيا وڃن.