پيٽرول مهانگو\سهيل آفريدي جو موٽرسائيڪل وارن کي 2200 رپيا ڏيڻ جو اعلان

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي صوبي جي موٽر سائيڪل سوارن کي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، وڏي وزير سهيل آفريدي سڌ سماءَ بابت خصوصي  صلاحڪار شفيع جان ۽ ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي، هن چيو ته جعلي حڪومت عوام مٿان پيٽرول جو ايٽم بم ڪيرايو آهي ۽ صوبي جي حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪري ٿي، وفاق کي گهرجي ته صوبن کي اعتماد ۾ وٺي ۽ پنهنجي شاهي خرچن کي گهٽائي، ڪورونا دوران اسان پيٽرول مهانگو ڪيو ته اهي ماڻهو ان تي سياست ڪندا هئا، پنجاب ۾ ٻوڏ آئي ته اسان ساٿ ڏنو، ڪراچي ۾ گل پلازا ۾ باهه لڳي تڏهن به اسان سياست نه ڪئي، صوبي ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 14 کان 16 لک موٽر سائيڪلون رجسٽرڊ آهن ۽ هر رجسٽرڊ موٽر سائيڪل استعمال ڪندڙ کي 2200 رپيا ڏنا ويندا ته جيئن عوام کي سفري خرچن ۾ رليف ملي سگهي، صوبي ۾ نين گاڏين جي خريد ۽ وڪري تي پابندي آهي، عالمي دورن تي به پابندي آهي، نئون هيلي ڪاپٽر نه پيا وٺون، حڪمران پنهنجي لاءِ پرائيويٽ جيٽ جهاز خريد ڪري رهيا آهن ۽ عوام تي في ليٽر 55 رپين جي واڌ جو بار وڌو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.