کير في ليٽر 320 رپيا ڪريو: ڊيري فارمرز جو ڪمشنر کي خط

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن کير جي قيمت وڌائڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي کي خط لکي ڇڏيو، ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن طرفان لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو ويو ته شهر ۾ کير جي في ليٽر قيمت 320 رپيا مقرر ڪئي وڃي، ايسوسيئيشن موجب في ليٽر تي لڳ ڀڳ 70 رپين جو نقصان برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي، واضح رهي ته هن وقت ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ کير 220 رپيا في ليٽر ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته شهرين پاران چيو ويو آهي ته اڳ ئي مهانگائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پيٽرول مهانگو ٿيڻ کان پوءِ هر شئي پاڻمرادو مهانگي ٿي وئي آهي، حڪومت کي پيٽرول جي قيمتون واپس وٺڻ گهرجن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.