ايران جي نئين سپريم ليڊر جي چونڊ، مجلسِ خبرگان ۾ نالي تي اتفاق

تهران (م ڊ) ايران جي طاقتور مذهبي ڪائونسل مجلسِ خبرگان جي ميمبرن دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ جي اڳوڻي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي جانشين جي چونڊ لاءِ اڪثريتي اتفاقِ راءِ ٿي چڪو آهي. آيت الله محمد مهدي مير باقري ٻڌايو ته نئين اڳواڻ جي چونڊ لاءِ ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، پر ڪجهه رنڊڪون باقي آهن جن کي ختم ڪيو پيو وڃي. ايراني آئين موجب 88 رڪني مجلسِ خبرگان کي نئين اڳواڻ چونڊڻ جو اختيار آهي. ميمبرن جو چوڻ آهي ته نئون اڳواڻ خامنه اي جي ان نصيحت موجب هوندو جنهن کان دشمن خوفزده رهي. ٻئي طرف اسرائيلي فوج ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن چونڊ لاءِ اجلاس ٿيو ته ان کي نشانو بڻايو ويندو، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، مجتبيٰ خامنه اي جي نالي تي اعتراض واريو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.