ايراني ميزائلن اسرائيل جي بنڪرن کي تباهه ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي صحافي برج موهن سنگھه انڪشاف ڪيو آهي ته 28 فيبروري کان 6 مارچ تائين اسرائيل ۾ موجودگي دوران انهن کي جنگ جي اثرن ۽ معلومات تائين محدود رسائي جا ڪيترائي مسئلا پيش آيا، هن ٻڌايو ته اهي پناهه گاهه ڏٺيون جيڪي تقريبن 100 فُٽ گهرائي ۾ ٺهيل هيون، جتي ماڻهو حملن دوران پناهه وٺندا آهن اتي به ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن پر اسرائيلي حڪومت مڪمل تفصيل نه ڏنا، برج موهن سنگھه چيو ته ايراني ميزائل انهن 100 فُٽ گهرائي وارن بنڪر ۾ به تباهي ڪري رهيا آهن ۽ مارجي ويل ماڻهن جا لاش ڏٺا،اسرائيلي حڪومت ماڻهن جي مارجڻ تي پردو وجهي رهي آهي، صحافي موجب ميزائل حملن دوران فرق نه ڪيو  ويندو آهي ته ڪير ڀارتي آهي ۽ ڪير اسرائيلي، هر شخص خطري ۾ هوندو آهي، اسرائيل ۾ صحافي آزاد رپورٽنگ نٿا ڪري سگهن، اسرائيلي جديد وارننگ سسٽم باوجود ڪيترائي ميزائل سائرن يا اڳ ۾ اطلاع کان سواءِ پهچن ٿا، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي وڃي ٿي، ڊرون ۽ ميزائل حملن جي غير متوقع نوعيت پڻ خطرو وڌائي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.