لنڊن(انيق ناجي) حڪمت عملي واري جنگ ۾ ايران ڪامياب ٿي رهيو آهي يا آمريڪا ڪامياب ٿي رهيو آهي؟ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي دعويٰ ڪئي آهي ته ايران کي اسان هارايو آهي، ان جي پويان ڇا آهي؟ جڏهن ڪنهن سلطنت جو زوال اچي ٿو، ان جو ڪو هڪ نشان نه هوندو آهي.سلطنت جو زوال هڪ ئي دم ۾ نه ٿئي ٿو، ٽرمپ دعويٰ ڪري ٿو ته ايران پنهنجن پاڙيسرين کان معافي گهري آهي ۽ پر ايران جو موقف آهي ته ان کي بحرين، ڪويت يا قطر سان ڪو مسئلو ناهي، ۽ آمريڪي فوجي اڏا هتان کي نشانو بڻائي رهيا آهن. ايران دفاعي نظام کي هٽائي ڇڏيو آهي، ۽ آمريڪي دعوائن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.ايران پنهنجي اصل ميزائل ۽ هائپر سونڪ ميزائل استعمال نه ڪيو آهي، ۽ پهريان ننڍا ڊرون ۽ ڪروز ميزائل استعمال ڪري دفاعي سسٽم کي بي اثر ڪيو آهي. ايران جو مقصد آهي دشمن جي نظر کي ڍڪڻ ۽ اصل طاقت لڪائڻ، انهي سبب آمريڪا ۽ يو اي اي پنهنجن فوجي ۽ سيڙپڪاري منصوبن ۾ مشڪل ۾ پيا آهن. اهو پڻ ڏسڻ جهڙو آهي ته دنيا ۾ وڏن ملڪ جي طاقت جو مقابلو جاري آهي، ۽ آمريڪا جي دعوائن ۾ حقيقت کان وڌيڪ ڏيکاءُ آهي. جنگ ۽ سياسي دعوائن جي باوجود، حقيقي نتيجا وقت سان واضع ٿيندا ٻئي پاسي پاڪستان تي پڻ ان جو اثر پيو آهي، جيئن پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، پر انهيءَ ۾ به مهانگائي جا ٻه پهلو آهن: هڪ حقيقي مهنگائي، ٻي مصنوعي مهانگائي جيڪا سرمائيدارن جي فائدي لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي. انتظاميا جو امتحان اهو آهي ته مصنوعي مهنگائي کي ڪيئن روڪيو وڃي.