ايران ۾ سپريم ليڊر جي فوري چونڊ جا مطالبا تيز، وڏا عالم سرگرم

تهران (م ڊ) ايران ۾ نئين سپريم ليڊر جي فوري چونڊ جا مطالبا زور وٺي ويا، گرينڊ آيت الله ناصر مڪرم شيرازي ۽ حسين نوري همداني مجلس خبرگان کان چونڊ جو عمل تيز ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اسرائيلي  حملي ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت کان پوءِ اڃا تائين سندن جانشين جي چونڊ نه ٿي سگهي، عالمي خابرو اداري موجب ايران ۾ هاڻي نئين رهبرِ معظم جي چونڊ لاءِ مطالبا تيزي سان وڌي رهيا آهن، عوام کان پوءِ هاڻي بااثر حلقا به حڪومت تي دٻاءُ وڌائي رهيا آهن، مشهور شيعه عالم ۽ گرينڊ آيت الله ناصر مڪرم شيرازي چيو آهي ته ملڪ جي معاملن کي بهتر نموني منظم ڪرڻ لاءِ نئين سپريم ليڊر جي مقرري ضروري آهي، هن چيو ته قيادت جو خال گهڻي دير تائين برقرار رهڻ ملڪ جي انتظامي نظام لاءِ مناسب ناهي ۽ موجوده حالتون به اهڙي دير جي اجازت نٿيون ڏين، تنهن ڪري نئين سپريم ليڊر جي فوري چونڊ ٿيڻ گهرجي، گرينڊ آيت الله حسين نوري همداني به ايران جي مجلس خبرگان کان مطالبو ڪيو آهي ته آيت الله خامنه اي جي جانشين جي چونڊ واري عمل کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ غيريقيني صورتحال ختم ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.