واشنگٽن (م ڊ) ايران تي تازي فوجي ڪارروائي کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سياسي مستقبل تي خطري جا ڪڪر لامارا ڏيڻ لڳا آهن. آمريڪي ميڊيا ۽ سياسي تجزيي نگارن موجب، صدر ٽرمپ جي مواخذي جا امڪان هن وقت 67 سيڪڙو تائين وڌي ويا آهن. هي صورتحال ان وقت پيدا ٿي آهي جڏهن ڪانگريس جي منظوري کان سواءِ ايران تي ڪيل حملن تي ڊيموڪريٽس پاران سخت ردعمل ظاهر ڪيو پيو وڃي. آمريڪا جي 18 انٽيليجنس ايجنسين جي ان رپورٽ کانپوءِ سياسي دٻاءُ وڌي ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ايران تي حملن سان اتي حڪومتي تبديلي ممڪن ناهي. تازي سروي موجب 57 سيڪڙو آمريڪي شهري صدر ٽرمپ جي ايران پاليسي سان اختلاف رکن ٿا، جڏهن ته هڪ وڏو حصو کيس مواخذي ذريعي هٽائڻ جي حق ۾ نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هن وقت ريپبلڪن پارٽي جي اڪثريت سبب مواخذي جي تحريڪ ڪامياب ٿيڻ مشڪل آهي، پر سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نومبر ۾ ٿيندڙ مڊٽرم چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس اڪثريت حاصل ڪئي ته ٽرمپ جو عهدو بچائڻ ناممڪن ٿي پوندو. ايوانِ نمائندگان ۾ موجود ڊيموڪريٽ اڳواڻن ايران تي حملن کي آئيني اختيارن جو غلط استعمال قرار ڏنو آهي ۽ ان کي مواخذي لاءِ بنياد بڻائڻ تي غور ڪري رهيا آهن. واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ موجب، جيڪڏهن ايران سان جنگ ڊيگهه اختيار ڪري ٿي ۽ آمريڪي معيشت تي ان جا ناڪاري اثر پون ٿا، ته مواخذي جي هيءَ تحريڪ وڌيڪ زور پڪڙي سگهي ٿي. هن وقت سڄي دنيا جون نظرون نومبر جي چونڊن تي آهن، جيڪي ٽرمپ جي سياسي قسمت جو فيصلو ڪنديون.