جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس: عمر ايوب ۽ مراد سعيد سميت 47 جوابدارن کي 10، 10 سال قيد جي سزا

راولپنڊي (م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي 47 اشتهاري جوابدارن کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. جج امجد علي شاهه پاران جاري  ڪيل فيصلي ۾ عمر ايوب، مراد سعيد، ذلفي بخاري، شبلي فراز، زرتاج گل، حماد اظهر، محمد احمد چٺا، راءِ حسن نواز، راءِ محمد مرتضيٰ، شوڪت علي ڀٽي، عثمان سعيد بسرا، اعجاز خان جازي سميت ٻين جوابدارن کي سزا سان گڏ 5، 5 لک رپيا ڏنڊ ۽ ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جوابدار جي ايڇ ڪيو گيٽ، حمزه ڪيمپ ۽ آرمي ميوزيم تي حملن ۽ تشدد جي رٿابندي ۾ ملوث مليا آهن. واضح رهي ته عدالت پاران بار بار موقعو ڏيڻ باوجود اهي جوابدار پيش نه ٿيا هئا، جنهن کانپوءِ کين اشتهاري قرار ڏئي سندن خلاف ڌار ٽرائل هلائي هي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.