جڪارتا (م ڊ) دنيا جي سڀ کان وڏي مسلمان ملڪ انڊونيشيا جي صدر پرابووو چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ جي تجويز ڪيل پليٽ فارم ”بورڊ آف پيس“ مان فلسطينين کي فائدو نه پهتو ته سندس ملڪ ان کان ڌار ٿي ويندو. مقامي اسلامي تنظيمن جي اڳواڻن سان ملاقات دوران صدر يقين ڏياريو ته جيڪڏهن هي بورڊ فلسطيني يا انڊونيشيا جي قومي مفادن جي خلاف ثابت ٿيو ته حڪومت فوري طور تي دستبرداري اختيار ڪندي. ٻئي طرف، انڊونيشيا جي عالمن ۽ مذهبي حلقن پاران هن بورڊ ۾ شموليت تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. عالمن جي ڪائونسل جو موقف آهي ته ايران خلاف جنگ ۾ آمريڪا جي ڪردار کي ڏسندي انڊونيشيا کي هن پليٽ فارم کان پري رهڻ گهرجي. جڏهن ته ملڪ جي سڀ کان وڏي اسلامي تنظيم جو چوڻ آهي ته حڪومت هن فورم کي جنگ بندي ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿي.