سرحدي علائقن ۾ ڇڪتاڻ، ايران عراق کي خبردار ڪري ڇڏيو

تهران (م ڊ) ايران جي راڄڌاني تهران سخت بمباري جي لپيٽ ۾ رهي، جتي صدارتي محل ۽ اڳوڻي رهبرِ اعليٰ جي رهائشگاهه واري علائقي پاسٽر کي نشانو بڻايو ويو. حملن جو ڪارڻ اڃا تائين واضح ناهي ٿي سگهيو. ٻئي طرف، اتر-اولهه واري حساس سرحدي شهر مهاباد تي به حملا ڪيا ويا  آهن، جنهن کانپوءِ ايران جي دفاعي ڪائونسل عراق کي سخت وارننگ جاري ڪئي آهي. ايران خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اسرائيل سرحدي علائقن کي نشانو بڻائي اتي سيڪيورٽي جو خال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن عراقي ڪردستان ۾ موجود ڪرد عليحدگي ويڙهاڪ ايران تي حملو ڪري سگهن. ايراني دفاعي ڪائونسل خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن عراقي ڪردستان مان ويڙهاڪن کي سرحد پار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته ان جا نتيجا سخت نڪرندا، جن ۾ لاڳاپن جي خاتمي سميت سخت جوابي ڪارروائي به شامل ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.