تهران (م ڊ) تهران ۾ امام خميني گرينڊ مسجد ۽ شهر جي ٻين حصن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جمعي جي نماز ادا ڪئي، باوجود ان جي ته آمريڪا ۽ اسرائيل تيز حملا ڪري رهيا هئا، مردن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ جمعه نماز ۾ حصو ورتو ۽ هي ايران تي حملا ٿيڻ کان پوءِ پهرين جمعه جي نماز هئي جنهن ۾ ماڻهن اهڙي صورتحال ۾ ادا ڪئي، تهران جي رستن تي نڪري ايندڙ ماڻهن جي هٿن ۾ ايراني جهنڊو هو ۽ گهڻا آيت الله علي خامنه اي جون تصويرون پڻ گڏ کڻي آيل هئا، ماڻهو اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف نعرا هڻي رهيا هئا، جڏهن ته جمعي نماز دوران ملڪ جي سلامتي لاءِ پڻ دعائون گهريون ويون.