واشنگٽن (م ڊ) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن ۽ ان کان پوءِ ايران جي جوابي ڪارروائين سبب وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪي شهرين جي نيڪالي آمريڪا لاءِ نئون وڏو چيلنج بڻجي وئي، پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته هن وقت خطي ۾ ٻه لک کان وڌيڪ آمريڪي شهري موجود آهن، لڳ ڀڳ 18 هزار ماڻهو هينئر تائين وچ اوڀر مان آمريڪا واپس پهچي چڪا آهن، گڏيل عرب امارات ۾ لڳ ڀڳ 50 هزار، قطر ۾ 15 هزار، ڪويت ۾ 30 هزار جڏهن ته سعودي عرب ۾ لڳ ڀڳ 80 هزار آمريڪي شهري رهندڙ آهن، آمريڪي حڪومت انهن ملڪن ۾ رهندڙ پنهنجي شهرين کي خطو ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي، پر اڏامن جي محدود دستيابي سبب نيڪالي جو عمل ڏکيو ٿي رهيو آهي.