ايران پاران آذربائيجان سان سرحد بند، ڪيترائي پاڪستاني ڦاسي پيا

تهران/باڪو (م ڊ) ايران ٽيڪنيڪل سببن جو جواز ڄاڻائي آذربائيجان سان پنهنجي سرحد بند ڪري ڇڏي آهي. سفارتي ذريعن موجب، سرحد بند ٿيڻ سبب اتي ڪيترائي پاڪستاني شهري به موجود آهن، جن کي ايراني اختيارين پاران انتظار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايراني هٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف آذربائيجان تي ڪنهن به قسم جو ڊرون حملو  ڪرڻ واري الزام کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري ٽي وي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آذربائيجان ۾ ٿيل ڪارروائي پويان اسرائيل جو هٿ آهي، جيڪو مسلمان ملڪن جي پاڙيسري لاڳاپن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سرحد تي موجود پاڪستاني شهرين جي واپسي يا اڳتي وڌڻ بابت اڃا تائين ڪا واضح صورتحال سامهون نه اچي سگهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.