بيروت (م ڊ) لبنان جي حڪومت ملڪ ۾ ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي هر قسم جي سرگرمين تي مڪمل پابندي لڳائڻ ۽ ان جي ميمبرن کي ملڪ مان ڪڍڻ جو اهم فيصلو ڪري ورتو آهي. لبناني ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به ايراني اهلڪار کي لبناني سرزمين تان ڪارروايون ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. لبناني اطلاعات واري وزير موجب، پاسدارانِ انقلاب جي ميمبرن کي عدالتي اختيارين ذريعي حراست ۾ وٺي فوري طور تي ملڪ بدر ڪيو ويندو. لبناني حڪومت ايراني شهرين لاءِ ويزا جي سهولت ختم ڪندي هاڻي ويزا حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ته جيئن ملڪ ۾ داخل ٿيندڙن جي سخت نگراني ٿي سگهي.