دوحا (م ڊ) قطر قدرتي گئس جي برآمد معطل ڪري ڇڏي، جنهن سبب عالمي گئس مارڪيٽ ۾ ايندڙ ڪيترن هفتن دوران کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، عالمي خابرو اداري موجب قطر گئس جي برآمد تي فورس ميجر لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ فراهمي متاثر ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو، قطر جي سرڪاري توانائي ڪمپني هن هفتي گئس جي پيداوار به روڪي ڇڏي، جڏهن ته معمولي پيداوار ٻيهر بحال ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو لڳي سگهي ٿو، ياد رهي ته قطر دنيا جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو قدرتي گئس (ايل اين جي) برآمد ڪندو آهي ۽ ان جي عالمي مارڪيٽن تائين سموري فراهمي آبنائي هرمز ذريعي ٿيندي آهي.