ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڀرپاسي واري ڳوٺ پانڌي خان بنگوار ۾ ڪارنھن الزام هيٺ مڙس پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار مزاري بنگوار پنهنجي ساٿين جي مدد سان پنهنجي زال شفعيت خاتون کي بندوق جا فائر هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا، بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب واقعو مبينا طور ڪارنھن جي معاملي تي پيش آيو، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، پوليس طرفان ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.