ايراني اڳرائي کي منهن ڏيڻ جو حق رکون ٿا:سعودي عرب

جدا ہ(عوامي آواز نيوز) سعودی عرب چيو آهي ته بزدلاڻن حملن کان پوءِ هو ايراني جارحيت جو جواب ڏيڻ جو مڪمل حق محفوظ رکي ٿو۔عرب ميڊيا موجب اڱاري جي رات سعودي ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان وڊيو لنڪ ذريعي   ڪئي۔اجلاس ۾ علائقي جي موجوده صورتحال ۽ ان جا علائقائي توڙي بين الاقوامي سلامتي ۽ استحڪام تي پوندڙ اثرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔سعودي ڪابينا چيو ته مملڪت بزدلاڻن حملن کان پوءِ ايراني جارحيت جو جواب ڏيڻ جو مڪمل حق محفوظ رکي ٿي۔اجلاس دوران سعودي ايئرپورٽن تي ڦاٿل خليجي شهرين جي مهمان نوازي ۽ کين سهولتون فراهم ڪرڻ بابت کنيل قدمن جو پڻ جائزو ورتو ويو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.