واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽ سينيٽر ايلزبٿ وارن ايران خلاف جاري جنگ تي ٽرمپ انتظاميا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هي غير قانوني جنگ ڪوڙ تي ٻڌل آهي۔سينيٽر وارن موجب ڳجهي بريفنگ کانپوءِ کين اهو تاثر مليو آهي ته ٽرمپ جي انتظاميه وٽ ايران بابت ڪا واضح حڪمتِ عملي موجود ناهي، صورتحال تصور کان به وڌيڪ خراب آهي، جنهن سبب هو اڳ کان وڌيڪ پريشان آهن۔آمريڪي سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽ اقليتي اڳواڻ چڪ شومر پڻ انٽيليجنس ڪميٽي جي بريفنگ کان پوءِ ڳڻتي جو اظهار ڪيو،هن چيو ته جنگ جو جواز بار بار تبديل ڪيو پيو وڃي۔ڪڏهن “رجيم چينج”، ڪڏهن ايٽمي هٿيار، ڪڏهن ميزائل پروگرام ۽ ڪڏهن دفاع جو مؤقف اختيار ڪيو پيو وڃي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪا واضح رٿابندي موجود ناهي۔سينيٽر وارن وڌيڪ چيو ته ايران پاران آمريڪا کي ڪنهن فوري خطري کانسواءِ جنگ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن۔ هن جنگ جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو عزم ظاهر ڪيو۔ٻئي پاسي ڊيموڪريٽ سينيٽر رچرڊ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته آمريڪا شايد ايران ۾ زميني فوجون موڪلڻ تي غور ڪري رهيو آهي، جنهن سان علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي سگهي ٿي۔آمريڪي سينيٽر برني سينڊرز پڻ ٽرمپ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته نيتن ياهو کي غزا کي تباهه ڪرڻ لاءِ اربين ڊالر گهربل هئا، جيڪي آمريڪا ڏنا، ۽ هو ايران سان جنگ چاهيندو هو، جيڪا خواهش به ٽرمپ پوري ڪري ڇڏي۔