علائقائي صورتحال: آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کان معاشي پلان طلب

اسلام آباد (بيورو) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کان موجوده علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هنگامي  معاشي قدمن تي ٻڌل جامع پلان طلب ڪري ورتو، ذريعن موجب ناڻي واري وزارت، توانائي واري وزارت ۽ واپار واري وزارت گڏيل طور تي هنگامي معاشي قدمن بابت پلان تيار ڪري آءِ ايم ايف کي پيش ڪنديون، ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان جي اقتصادي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف جي جائزا مشن وچ ۾ ٽئين اقتصادي جائزي بابت آن لائين ڳالهيون جاري آهن، ريعن موجب آءِ ايم ايف پائيدار معاشي ترقي لاءِ جاري سڌارن کي تيز ڪرڻ ۽ ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ تي زور ڏنو آهي، ايف بي آر جي عملدارن آءِ ايم ايف کي ٽيڪس هدف حاصل نه ٿيڻ جا سبب به ٻڌايا، ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ نظرثاني ڪيل 13 هزار 979 ارب رپين جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ڏکيو نظر اچي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.